Book Name:Dil Joii Kay Fazail
اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہو
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)
سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے
اچو! حُسنِ سلوڪ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: جيئن
فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: (1) هر حُسنِ سُلُوڪ (Politeness) صدقو آهي غني سان ڪريو يا فقير سان۔ (مجمع الزوائد ، ڪتاب الزڪوٰة ، باب ڪل معروف صدقة ، ۳/۳۳۱، حديث: ۴۷۵۴) (2) جيڪو الله ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو ان کي گھرجي ته صِلَه رِحمي (رشتيدارن سان سٺو ورتاؤ) ڪري۔ (بخاري،۴/ ۱۳۶ ، حديث: ۶۱۳۸) ٭ قرآن واحاديث ۾ اسان کي والدين، رشتيدارن، يتيمن، مسڪينن، قريبي ۽ پري جي پاڙيسري ۽ مسافرن سان حُسنِ سُلُوڪ ۽ ڀلائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٭ حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچڻ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ سنت آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ ۾ والدين جو مرتبو سڀ کان وڌيڪ آهي۔ (ردالمحتار ،۹ /۶۷۸ ملخصاً) ٭ حُسنِ سُلُوڪ جون مختلف صورَتون آهن، هدِيو ۽ تحفو (Gift) ڏيڻ ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ڪم ۾ مدد درڪار هجي ان ڪم ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، انهن کي سلام ڪرڻ، انهن جي ملاقات لاءِ وڃڻ، انهن وٽ ويهڻ اُٿڻ، انهن سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ، انهن سان لُطف ۽ مهرباني سان پيش اچڻ۔ (دُرَر، ۱/۳۲۳ملخصاً) ٭امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايائون: ياد رکو! جيڪڏهن توهان