Book Name:Dil Joii Kay Fazail

صفا تي پهرين نيڪي جي دعوت۔ ٭ بزرگانِ دين جو عمل۔ ٭ چوڪ درس ڇا آهي؟ ٭ چوڪ درس جا ڏھ (10) فائدا۔ ٭ مسجدن جي آباد ڪاري جو ذريعو۔ ٭ چوڪ درس ڏيڻ جو طريقو۔ ٭ چوڪ درس ڏيڻ جا اوڻيھ (19) مدني گل۔ ٭ دعوت اسلامي جو تعارف و تشهير۔ ٭  ۽ امير اهلسنت جون دعائون وٺڻ جو طريقو وغيره

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اچو! ترغيب لاءِ چوڪ دَرس جي هڪ مَدَني بهار ٻُڌون ٿا، جيئن

وفات کان پهريان توبه نصيب ٿي

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جي عَلائقي جي مسجد ٻاهران ”چوڪ دَرس“ ٿيندو هو۔ هڪ ڏينهن مَعمول مطابق چوڪ دَرس جي لاءِ اسلامي ڀاءُ آيو ته آسپاس موجود ماڻهن کي دَرس ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پيش ڪئي، هڪ اسلامي ڀاءُ اڳتي وڌي ويجھو ئي رِڪشا اسٽينڊ تي موجود چوڪيدار راجو ڀائي کي به دَرس ۾ شِرڪت جي دعوت پيش ڪئي۔ راجو ڀائي دَعوَت قبول ڪندي درسِ فَيضانِ سُنَّت ۾ شريڪ ٿيو۔ دَرس کان پوءِ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي رِقّت انگيز دُعا کان اڳ ۾ دَرس ٻڌڻ وارن کي اڳوڻن گناهن کان تَوْبه ڪرائي ۽ دُعا دوران حاضِرِين جي بخشش جي لاءِ به دُعا گھري۔ دُعا جي اِختتام تي دَرس ٻڌڻ وارن وڏي آوازِ سان دُرُودِپاڪ پڙھيو، راجو ڀائي دُرُودِ پاڪ پڙھندي آڱوٺا چُمي اکين (Eyes) سان لڳايا، وڏي آواز سان ڪلِمو شريف لَآاِلٰه اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُولُ الله پڙھيو ۽ بي اِختيار زمين تي ڪري پيو۔ هڪ اسلامي ڀاءُ اڳتي وڌي ان کي کنيو ته ڏٺائين ان وَقت هو پنهنجي خالِقِ حقيقي سان ملي چڪو هو۔

ہے تمنّائے عطارؔیاربّ!اُن کے جَلووں میں یُوں مَوت آئے                     جھُوم کر جب گِرے میرا لاشہ تھام لیں بڑھ کے شاہِ مدینہ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد