Book Name:Dil Joii Kay Fazail

عمل پيرا ٿيندي ٻين جي خير خواهي ڪرڻ گھرجي۔ اچو! دل جوئي جي رغبت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مزيد هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

(2)امام حسن ۽ مسڪينن جي دلجوئي

  هڪ ڀيري حضرتِ سيدُنا امامِ حَسَن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪجھ اهڙن مسڪينن وٽان لنگھيا جيڪي راھ ۾ ويهي ماڻهن کان سُوال ڪري رهيا هئا ۽ زمين تي وکريل ماني جا بچيل ٽڪر کائي رهيا هئا، پاڻ اُنهن کي سَلام ڪيو، اُنھن سلام جو جواب ڏيڻ کان پوءِ عرض ڪيو: اي رسول خدا جا ڏوهٽا! اسان سان گڏ کاڌو کائو! جڏهن انهن کائڻ جي دعوت ڏني ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايائون: الله وڏائي ڪرڻ وارن کي پسند ناهي ڪندو، پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انهن سان گڏ ڪجھ گرھ کاڌائون۔ وڃڻ مهل انهن کي سلام ڪندي فرمايائون: مون توهان جي دَعوت قَبُول ڪئي، توهان به منهنجي دعوت قَبُول ڪريو۔ اُنھن عرض ڪيو: حُضُور! جيئن اوهان فرمايو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اُنهن کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏني، جڏهن اهي پاڻ وٽ آيا ته پاڻ انهن کي عُمده کاڌو کارايو ۽ پاڻ به اُنهن سان گڏ کاڌائون۔  (احياء العلوم،۲/۴۵،بتغير)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت! غور ڪريو! نواسَه رسول، جگر گوشَه بتول حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وڏي عمده اخلاق وارا هئا، باوجود بلند رُتبي هئڻ جي انهن مسڪينن ۽ غريبن جي دلجوئي جي خاطر انهن سان گڏ ويهي رهيا، ۽ بدلي ۾ انهن کي به پنهنجي گھر دعوت تي گھرايو۔ هن واقعي مان اهو درس ملي ٿو ته اسان کي به اميرن ۽ فقيرن سڀني سان پيار ۽ الفت ڀريو ورتاؤ (Behave) ڪرڻ گھرجي۔

حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو جنتي نوجوانن جا سرادر آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو وڏي رتبي