Book Name:Dil Joii Kay Fazail
غريب پروري، رحمدلي، همدردي، خيرخواهي ۽ مهرباني سميت ڪيئي عمده وصفن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔
منقول آهي ته هڪ ڀيري هڪ شخص پنهنجي ڀاڻج جي شادي ۾ ڪاظمي شاه صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي دعوت ڏني ۽ نڪاح پڙھائڻ جي درخواست ڪئي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دعوت قبول فرمائي۔ نڪاح جي لاءِ عصر ۽ مغرب جي وچ وارو وقت طئي ڪيو ويو۔ ڄڃ اچڻ ۾ ڪجھ دير ٿي وئي، هو شخص مغرب کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي وٺڻ لاءِ پهتو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: حاجي صاحب! اوهان ته عصر کان بعد نڪاح جو چيو هو هاڻي ته مغرب به ٿي چڪي؟ هاڻي منهنجي پوٽي جو عقيقو آهي ۽ مهمان آيل آهن۔ ان صاحب جو بيان آهي ته مون عرض ڪيو: عالي جاه! ڪجھ دير ٿي وئي آهي۔ (اوهان ڪرم فرمايو!) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: چڱو هلو، اڃا پاڻ ڪپڙا به تبديل نه ڪيا هئا، صاحبزادن عرض ڪيو: بابا سائين! ڪپڙا مَٽائي وٺو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: هينئر ئي موٽان ٿو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اطمينان سان نڪاح پڙھايو، ڊگھي دعا گھري۔ ان صاحب جو بيان آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي جلدي واپس موٽڻو هو ڇوته گھر ۾ مهمان آيل هئا، ان جي باوجود ايترو وقت عطا فرمايو جو اسان سڀني جي دل بيحد خوش ٿي وئي۔ (حياتِ غزالي زماں، ص۲۴۴ بتصرف)
اهڙي طرح هڪ عالم صاحب جوبيان آهي ته هڪ ڀيري (مدينة الاوليا) ملتان شريف شهر جي اندروني علائقي مان هڪ غريب شخص حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته مان برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ گھر ۾ محفلِ ميلاد جو اهتمام ڪيو آهي، اوهان اچجو ۽ پنهنجو پيارو بيان اسان کي ٻڌايو، علامه ڪاظمي شاھ صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان سان عشاء کان پوءِ جو واعدو ڪيائون، مان به اوهان سان گڏ ٿيس، اسان عشاء جي نماز کان پوءِ ان شخص جي گھر پهتاسين، هو اسان کي پنهنجي گھر جي ٻي منزل تي وٺي ويو ان وقت صرف چار پنج ماڻهو