Book Name:Dil Joii Kay Fazail
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان دل جوئي بابت ٻڌي رهيا هئاسين، يقيناً دل جوئي هڪ برڪت ڀريو ڪم آهي۔ ٭ دل جوئي سان تعلقات مضبوط ٿين ٿا، ٭ دل جوئي سان ناراضي ختم ٿئي ٿي، ٭ دل جوئي سان محبتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، ٭ دل جوئي پراوئن کي به پنهنجو ڪندي آهي۔ ٭ دل جوئي سان معاشري ۾ خوشگوار فضا قائم ٿيندي آهي۔ ٭دل جوئي جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، ٭ دل جوئي سان دنيا بهتر ٿيندي آهي، ٭ دل جوئي سان قبر به سنورجي ويندي آهي٭دل جوئي آخرت ۾ به ڪاميابيون ڏياريندي، ٭ دل جوئي ڪرڻ وارو هر دلعزيز بڻجي ويندو آهي۔ سڀ کان وڌيڪ هي ته ٭ دل جوئي ڪرڻ وارو الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي۔ ان ڪري دل جوئي جي عادت (Habit) بنائڻ گھرجي۔
ڪيئي اهڙا ڪم آهن جيڪي سٺي نيت هئڻ جي صورت ۾ دل جوئي ۾ شمار ٿي سگھن ٿا، اچو! اهڙا ڪجھ ڪم ۽ احاديثِ طيبه جي روشني ۾ انهن جون فضيلتون ٻڌون ٿا۔ v مريض جي عيادت هڪ اهڙو ڪم آهي جيڪو دل جوئي جو بهترين ذريعو آهي۔ عيادت ڪرڻ جون ٻه فضيلتون ٻڌو۔ (1) ارشاد فرمايائون: جيڪو ڪنهن مريض جي عيادت ڪري ٿو ته هڪ منادي ان کي مخاطب ڪري چوندو آهي ته خوش ٿي وڃي ڇوته تنهنجو هي هلڻ مبارڪ آهي ۽ تو جنت ۾ پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي ورتو آهي. (ترمذي ،ڪتاب البر والصلة ، باب ماجاء في زيارة الاخوان ،۳/۴۰۶،حديث:۲۰۱۵) (2) فرمايائون: جنهن مريض جي عيادت ڪئي، جيستائين اهو ويهي نه رهي، درياءِ رحمت ۾ غوطو لڳائيندو رهي ٿو ۽ جڏهن ويهي رهي ته رحمت ۾ ٻڏي ويندو آهي۔ (مسند امام احمد، مسند جابر بن عبدالله۵/۳۰،حديث: ۱۴۲۶۴) ٭ تعزيت به دل جوئي وارن ڪمن مان هڪ آهي۔ ڪو فوت ٿي وڃي يا ڪنهن کي ڪجھ نقصان ٿئي ته ان سان تعزيت ڪرڻ ڪيڏي وڏي اجر جو سبب آهي اچو ان