Book Name:Dil Joii Kay Fazail

جمع هئا۔ هي هو اهو اجتماع جنهن سان غزالي زمان کي بيان ڪرڻو هو۔ حضرت غزالي زمان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پيشاني تي گھنج تائين نه آيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تقريباً هڪ ڪلاڪ بيان فرمايو۔ هو شخص غربت جي ڪري ڪجھ به نه ڏئي سگھيو پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مڪمل اطمينان ۽ سڪون سان واپس موٽي آيا ۽ راھ ۾ مون کي فرمايائون: جيڪڏهن مان ان وقت تقرير نه ڪيان ها ته ان شخص جي ڪيتري دل ڏکي هئا ۽ هاڻ اهو ڪيترو خوش هو۔ (حياتِ غزالي زماں، ص۳۹۶ بتصرف)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دل جوئي جا طريقا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غزالي زمان حضرت علامه سيد احمد سعيد ڪاظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دل جوئي ڪرڻ جو جذبو مرحبا! ائين معلوم ٿئي ٿو ته الله وارا ٻين جي دل جوئي ڪرڻ جو ڪوئي موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا هئا۔ اڄ به جيڪڏهن دل جوئي کي اپنائڻ جو جذبو بيدار ٿي وڃي ته ان جا ڪيئي طريقا ذهن ۾ اچي سگھن ٿا۔ مثال طور ٭ ڪنهن مريض جي عيادت ڪرڻ، ٭ ڪنهن سان تعزيت ڪرڻ، ٭ جنازي وغيره ۾ شرڪت ڪرڻ، ٭ ڪنهن جو نقصان ٿيڻ تي ان سان همدردي جا ٻه ٻول ڳالهائڻ، ٭وقتاً فوقتاً پنهنجي دوستن ۽ عزيزن سان رابطو رکڻ، ٭ ٻين سان نرمي ۽ ڀلائي سان پيش اچڻ، ٭ ضرورت مندن جي مالي مدد ڪرڻ، ٭ پريشان حالن جي پريشاني پري ڪرڻ، ٭ ٻين کي دعوتون ڏيڻ ۽ کاڌو کارائڻ، ٭ پنهنجي آرام و سڪون جي قرباني ڏئي ٻين کي آرام و سڪون مهيا ڪرڻ وغيره، مطلب ته ڪنهن به طرح سان پنهنجي مسلمان ڀاء سان سٺو ورتاء ڪرڻ، اهو سڀ دل جوئي ۾ شمار ٿئي ٿو ۔

افسوس! صد افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان جي حالت اها آهي جو اسان ”ادا پنهنجو پاڻ کي سنڀال“ جي تحت صرف پنهنجي معاملا سُلجھائڻ جي فڪر ۾ رهون ٿا۔ ٭ اسان جي آس پاس ڪيترا مسلمان پريشان حال آهن، اسان کي ان جو ڪو احساس ناهي ٿيندو۔ ٭ اسان جي سڃاڻپ وارن ۾ ڪيترا مسلمان بيمار