Book Name:Dil Joii Kay Fazail

رکڻ گهرجي. اسان هي نه ٿا چئي سگهون ته فلان شخص ته ڪو منصب ملڻ جي سبب وڏو مغرور ٿي ويو آهي،  صحيح طريقي سان ڳالهائي نه ٿو وغيره. ڪنهن مسلمان جي باري ۾ بدگماني جي اسان کي اجازت ناهي، بد گماني گناههِ ڪبيره، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. الله پاڪ اسان کي بدگماني کان بچڻ ۽ هميشه عاجزي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اچو! ترغيب جي لاءِ عاجزي جي فضيلت تي ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

فرمايائون: جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ تواضع اختيار ڪري ٿو الله پاڪ ان کي بلندي عطا ڪندو آهي ۽ جيڪو مسلمان ڀاءُ تي بلندي چاهيندو آهي الله پاڪ ان کي پستي ۾ وجھندو آهي۔ (معجم اوسط، ۵/۳۹۰، حديث: ۷۷۱۱)

فرمايائون: الله پاڪ عاجزي ڪرڻ وارن سان محبت ۽ تڪبر ڪرڻ وارن کي ناپسند ڪندو آهي۔ ( ڪنز العمال، ڪتاب الاخلاق، قسم الاقوال، ۲/۵۰، حديث: ۵۷۳۱، الجزء الثالث)

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا

یاربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان دل جوئي ڪرڻ بابت واقعا ٻڌي رهيا هئاسين۔ هنن واقعن کي ٻڌي ڪري ائين لڳي ٿو ته هو ٻين جي دل جوئي ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيندا هئا۔

جيئن غزالي زمان، رازي دوران، حضرت علامه سيد احمد سعيد ڪاظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به دل جوئي جا عادي هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زبردست عالمِ دين ۽ الله جا ولي هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه صحيح معني ۾ اخلاقِ نبوي جو عملي نمونو هئا،