Book Name:Dil Joii Kay Fazail

12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’چوڪ دَرس‘‘

  پيارا پيارا اسلامي بھائيو! مسلمانن سان حُسنِ اخلاق سان پيش اچڻ، غمزدن، ڏکويل،  بيمارن جي عيادت ۽ دل جوئي جو جذبو ماڻڻ ۽ ٻين سٺين صفتن جو عامل بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصّو وٺو، ذيلي حلقي جي ٻارهن مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مدني ڪم چوڪ درس به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ چوڪ دَرس جون ڪيئي برڪتون آهن، جيئن چوڪ درس مُسَلمانن کي بُرائين کان بچائڻ جو ذريعو آهي۔ ٭ چوڪ دَرس بي نمازين کي نمازي بڻائي ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس مسجدن کان پري رهڻ وارن کي مسجدن جي ويجھو ڪري ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان نيڪين ۾ رَغبَت پيدا ٿئي ٿي۔ ٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان عَلائقي (Area) ۾ مَدَني ڪمن جي ڌُوم مچي ويندي آهي۔ ٭ چوڪ دَرس نمازن نمازن جي پابندي جو ذِهن بنائڻ سان گڏوگڏ عِلمِ دِين جون گھڻيون ڳالهيون سيکارڻ جو ذريعو آهي ۽ ماڻهن تائين عِلمِ دِين جون ڳالهيون پهچائڻ اَجر ۽ ثَواب جو ڪم آهي۔ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جيڪو شخص منهنجي اُمَّت تائين ڪا اسلامي ڳالھ پهچائي ته جيئن ان سان سُنَّت قائم ڪئي وڃي يا ان سان بد مذهبي دور ڪئي وڃي ته اهو جنَّتي آهي۔ (حلية الاولياء،ابراهيم الهروي،۱۰/۴۵،حديث:۱۴۴۶۶)

12مدني ڪمن مان هن مدني ڪم”چوڪ دَرس“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ”چوڪ دَرس“ جو مطالعو ڪريو، تمام ذِمه دارانِ دعوتِ اسلامي، خاص ڪري چوڪ دَرس مجلس جا نگران ۽ اراڪين ته هن رِسالي جو لازمي مطالعو ڪن۔ اهو رِسالو مڪتبة المدينه تي دَستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔

هن رِسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي۔ ٭ ڪوه