Book Name:Dil Joii Kay Fazail

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دينِ اِسلام هڪ امن پسند، سچو، پيارو، ڪامل مذهب آهي، دينِ اِسلام پنهنجي لاجواب خوبين جي سبب هميشه هر دور ۾ غالب رهيو آهي ۽ غالب ئي رهندو، دينِ اسلام پنهنجي مڃڻ وارن جي ديني، دنياوي، اُخروي، اخلاقي، ظاهري، باطني، گھريلو، خانداني ۽ معاشرتي مثال طور مسلمانن سان حسنِ اخلاق سان پيش اچڻ، انهن جي ڏُک درد ۾ شريڪ ٿيڻ، انهن جي خير خواهي ۽ دل جوئي ڪرڻ جي طرف به رهنمائي فرمائي آهي۔ اڄ جي بيان ۾ دل جوئي جي فضيلتن جي باري ۾ ٻڌنداسين۔ دل جوئي جي فضيلت تي حديث سڳوريون ۽ بزرگن جا قول به پيش ڪيا ويندا۔ اسان جا بزرگانِ دين ڪنهن جي ڪيئن دل جوئي ڪندا هئا ان بابت به ڪجھ واقعا پيش ڪيا ويندا۔ ڪن ڪن معاملن ۾ اسان مسلمانن جي دل جوئي ڪري سگھون ٿا اهو به بيان ڪيو ويندو۔ اي ڪاش! سڄو بيان سٺين سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ اچو! سڀ کان پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

دل جوئي جي برڪت سان ڪلمو نصيب ٿي ويو

   دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي 649 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”حڪايتيں اور نصيحتيں“ صفحي 455 تي آهي ته هڪ فقير پنهنجي اهل و عيال سان گڏجي روزو رکيو۔ ان جي گھر ۾ کائڻ لاءِ ڪجھ نه هو، افطاري جي لاءِ خوراڪ جي ڳولها ۾ هو گھران نڪتو پر افطاري جي لاءِ ان کي ڪجھ به نه مليو۔ پوءِ هو سُونارن (Goldsmiths) جي بازار ۾ داخل ٿيو، ان ڏٺائين ته هڪ شخص پنهنجي دُڪان ۾ قيمتي چمڙي جا ٽڪرا وڇائي ان تي سون چاندي جو ڍير رکي رهيو آهي۔ هي فقير ان وٽ ويو ۽ سلام ڪري چيائين: جناب! مان حاجت مند آهيان، ممڪن هجي ته مون کي هڪ درهم قرض ڏئي ڇڏيو، مون کي پنهنجي گھر وارن جي لاءِ افطاري جو سامان وٺڻو آهي، مون ان کي چيو مان اوهان جي لاءِ دعا ڪندس۔ اهو سڀ ٻڌي ان سوناري پنهنجو منهن ٻي پاسي ڦيري ڇڏيو ۽ ان فقير کي ڪجھ نه ڏنو، فقير