Book Name:Dil Joii Kay Fazail

ٿي ويندا آهن پوءِ ٺيڪ ٿي ويندا آهن ۽ اسان کي پتو ئي ناهي پوندو۔ ٭اسان جي آڙي پاڙي ۾ ڪنهن جو انتقال ٿي ويو آهي بعض اوقات ته اهو به معلوم ناهي هوندو۔ ٭ اهي ماڻهو جن سان اسان جو روزانو واسطو پوي ٿو انهن مان ڪيترن خوش دل ۽ ڪيترن پريشان چهرن اسان کي ملن ٿا، اسان ڪڏهن ان تي غور ڪيو؟ ٭ اسان جا سڃاڻپ وارن ۾ ڪيترا ئي قرضن ۾ جڪڙيل آهن بلڪ خاندان ۾ اسان جا ڪيترا رشتيدار غربت ۽ افلاس جي چڪي ۾ پِسجي رهيا آهن، اسان کي ان جي ڪا خبر ناهي۔ ٭ اسان جي پاڙيسرين کي ٻن وقت جو کاڌو به نصيب ٿيندو آهي يا نه، اسان کي ان سان ڪو غرض ناهي، ٭ پائڻ جي لاءِ مناسب ڪپڙا به ميسر آهن يا نه، اسان کي ان سان ڪو مطلب ناهي۔ ٭ ڪيترن بيمارن جي راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون پيسو نه هئڻ جي ڪري برباد ٿي رهيو آهي، ان پاسي اسان جو ڌيان ئي ناهي هوندو۔ ياد رکو! ياد رکو! هڪ سٺو مسلمان اهو ئي هوندو آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري اهو ئي پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ به پسند ڪري۔ اچو! پنهنجي اندر پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏکويل اُمّت جي دل جوئي ۽ خيرخواهي جو جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ (2) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا،

خيرخواهي جون فضيلتون

٭ ارشادفرمايائون: ماڻهن جي لاءِ به اهو ئي پسند ڪريو، جيڪو پنهنجي لاءِ ڪريو ٿا ۽ جيڪو پنهنجي لاءِ ناپسند ڪريو ٿا، ان کي ٻين جي لاءِ به ناپسند ڪريو، جڏهن توهان ڳالهايو ته چڱي ڳالھ ڪريو يا خاموش رهو۔ (مسند احمد بن حنبل ، حديث معاذ بن جبل،۸/۲۶۶،حديث:۲۲۱۹۳)

٭ ارشاد فرمايائون: مؤمن ان وقت تائين پنهنجي دِين ۾ رهندو آهي جيستائين پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي خير خواهي چاهيندو آهي ۽ جڏهن ان جي خيرخواهي کان جدا ٿي ويندو آهي ته ان کان توفيق جي نعمت کسجي ويندي آهي۔ (فردوس الاخبارللديلمي،باب اللام الف،۲/۴۲۹، حديث:۷۷۲۲)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد