Book Name:Dil Joii Kay Fazail

ڪنهن واپار جي ايتري قيمت نه هوندي جيتري دل جو خيال رکڻ ۽ دل خوش ڪرڻ جي هوندي۔ (محبوب الهي،ص۲۳۷)

حضرتِ سيدُنا مڪحول دمشقي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: جيڪو شخص ڪنهن جي دل جوئي ڪندي فوت ٿيو اهو شهيد آهي۔ (حلية الاولياء،۵/۲۳۸)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دل جوئي بابت واقعا:

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دل جوئي جا وڏا فضائل آهن، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي بُزرگن جي دلين ۾ ٻين جي دل جوئي ۽ دلداري جو جذبو گھڻو هوندو هو، اهي مُقدَّس هستيون ماڻهن جي دل جوئي ڪندي ۽ پنهنجي دلين کي راحت (Comfort) پهچائيندا هئا۔ اچو الله وارن جي دل جوئي جا واقعا ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ مدني گل ٻڌون ٿا:

(1)فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي هڪ خاندان جي دادرسي

      هڪ رات اميرُالمُؤمنين حضرت سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مديني شريف جو دورو ڪري رهيا هئا ته سندن نگاھ هڪ خيمي تي پئي، جڏهن ويجھو ويا ته پاڻ کي ڪنهن جي تڪليف ۾ مبتلا هئڻ جو آواز آيو، ان خيمي جي ٻاهر هڪ شخص ويٺل هو، پاڻ سلام کان بعد ان کان حال پڇيائون ته معلوم ٿيو ته هو خليفي (يعني سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) کان ئي ملڻ آيو آهي، البت ان کي هي خبر نه هئي ته وقت جو خليفو ان جي سامهون بيٺو آهي۔ بهرحال ان ٻڌايو ته ان جي گھرواريءَ اُميد سان آهي ۽ ٻار جي پيدائش جو وقت قريب آهي۔ امير المؤمنين حضرت سيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي گھر موٽيا ۽ پنهنجي زوجَه محترمه حضرت سيدتنا اُمّ ڪلثوم بنت علي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا کي فرمايائون: ڇا توهان ثواب ڪمائڻ چاهيو ٿيون، الله پاڪ ان کي خود توهان تائين پهچايو آهي؟ انهن عرض ڪيو: حضور! ڪهڙي ڳالھ آهي؟