Book Name:Dil Joii Kay Fazail
چوندي آهي: ”ٿي وڃ“ ته اها ٿي ويندي آهي ۽ مان گواهي ڏيان ٿو ته الله کان سوا ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ مان اها به گواهي ڏيان ٿو ته حضرت سيدُنا محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جا ٻانها ۽ رسول آهن۔ (حاشية اعانة الطالبين، باب الصوم، فصل في صوم التطوع ،۲/ ۴۴۵،بتغيرقليل)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ان غير مسلم هڪ مسلمان جي دل جوئي ڪئي، الله پاڪ جي مشيّت جو ان پنهنجي فضل سان ان دل جوئي جو ان کي اهو صلو ڏنو جو دولتِ ايمان جهڙي عظيم الشان نعمت نصيب فرمائي ڇڏي، غور ڪريو! جڏهن دل جوئي تي ايمان جهڙي عظيم الشان ۽ انمول نعمت نصيب ٿي سگھي ٿي ته دنيا و آخرت جون ٻيون نعمتون ڇو نه حاصل ٿي سگھن ٿيون۔ تنهنڪري اسان کي به دل جوئي جي عادت بنائڻ گھرجي۔
دل جوئي جي وصف ۽ ان جون فضيلتون!
دل جُوئي، دلداري، غم خواري، غم گساري، دلداري اهي تمام لفظ هم معني آهن، انهن سڀني جو مطلب هوندو آهي ٻين سان همدردي ڪرڻ، انهن کي خوشي پهچائڻ، انهن جي دلين ۾ خوشي داخل ڪرڻ وغيره۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي دين ۾ دل جوئي جي وڏي اهميت آهي۔ فتني کان بچندي جائز طريقي سان مسلمان مرد جو مسلمان مَردَن، پنهنجي محرمات ۽ ٻارن جي امي جي، اهڙي طرح مسلمان عورت جو مسلمان عورتن، پنهنجي محارم ۽ ٻارن جي پيءُ جي دل جوئي ڪرڻ وڏي اجر جو سبب آهي۔ ائين ڪرڻ سان جتي آخرت چڱي ٿيندي آهي اتي معاشري ۾ به بهترين فضا قائم ٿيندي آهي۔ ٻين جي دل جوئي ڪرڻ جو ڪيترو وڏو اجر آهي اچو هن باري ۾ ڪجھ حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:
1۔ فرمايائون: الله پاڪ جي ويجھو فرض جي ادائيگي کان پوءِ سڀ کان افضل عمل مسلمان جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ آهي۔ (معجم ڪبير، ۱۱/۵۹، حديث: ۱۱۰۷۹)