Book Name:Dil Joii Kay Fazail

وارا صحابي آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو اهلِ بيتِ مصطفيٰ ۾ شامل آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا موليٰ علي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا شهزادا آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو حضرت بي بي فاطمه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي جگر جو ٽڪر آهن، حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مقام هي آهي ته هو ٻنهي جهانن جي مالڪ و مختار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڏوهٽا آهن، پر ان جي باوجود به انهن ان غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي دعوت رد نه ڪئي جڏهن ته اڄ اسان جي معاشري ۾ صورت حال ڪيتري عجيب ٿيندي پئي وڃي۔ اڄ جيڪڏهن ڪنهن ڪم ظرف کي ڪوئي دنياوي منصب ملي وڃي ته ان جو مزاج آسمان تي هليو ويندو آهي، هن حقير دنيا جو عهدو ملڻ کان پوءِ بعض ماڻهن جا زمين تي پير ٽِڪن نٿا، ڪپڙن سان ڪن جا ڪنڌ آڪڙجي ويندا آهن۔ اهڙي ۾ پاڻ سان گڏ رهڻ وارن کي ائينن وساريو ويندو آهي جيئن انهن سان ڪڏهن تعلق رهيو ئي نه هو، پنهنجي عزيزن کي هن طرح فراموش ڪيو ويندو آهي جيئن انهن سان ڪڏهن ڄاڻ سڃاڻ ئي نه رهي هجي، پنهنجي دوستن سان اهڙو رويو رکيو ويندو آهي جيئن ملازم هجن، صد افسوس! جو بعض نادان ته پنهنجن محسنن کي به اکيون ڏيکارڻ لڳندا آهن۔ سوچڻ گھرجي ته ڪٿي عهدو ملڻ کان پوءِ تڪبر جي ڏاڪڻ جهنم ۾ نه ڪرائي ڇڏي۔ شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تنبيه ڪندي فرمائن ٿا:

گر تکبُّر ہو دِل میں ذرّہ بھر

سُن لو جنّت حرام ہوتی ہے

لهٰذا عقل مندي جو ثبوت ڏيندي عاجزي ۽ انڪساري (نوڙت) اختيار ڪرڻ گهرجي. ياد رهي! جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن دنياوي منصب ۽ دولت ملڻ کان پوءِ قيمتي لباس پائيندو آهي، ڪنهن سبب کان ماڻهن سان ميل جول گهٽ رکندو آهي تڏهن به ان جي باري ۾ هميشه حسنِ ظن (سٺو گمان) ئي