Book Name:Dil Joii Kay Fazail

2۔ فرمايائون: بيشڪ مغفرت کي واجب ڪرڻ وارين شين مان تنهنجو پنهنجي مسلمان ڀاء جي دل خوش ڪرڻ به آهي۔ (معجم اوسط، ۶/۱۲۹، حديث:۸۲۴۵)

فرمايائون: مَنْ سَرَّ مُؤْمِنًا فَقَدْ سَرَّاللہَ يعني جنهن ڪنهن مسلمان کي خوش ڪيو ان الله کي راضي ڪيو۔ (حلية الاولياء،هارون بن رئاب الاسدي،۳/۶۶،حديث: ۳۱۸۸ ،ڪتاب المجروحين لابن حبان ،۲/۲۹۷، رقم:۹۷۷)

فرمايائون: جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي دل خوش ڪندو آهي ته الله پاڪ ان خوشي سان هڪ ملائڪ پيدا ڪندو آهي جيڪو الله پاڪ جي عبادت ۽ ان جي وحدانيت بيان ڪندو رهندو آهي۔ جڏهن هو شخص مرڻ کان پوءِ پنهنجي قبر ۾ پهچندو آهي ته اهو ملائڪ ان وٽ اچي چوندو آهي: ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ جواب ڏيندو آهي: توهان ڪير آهيو؟ هو چوندو آهي: مان اها خوشي آهيان جيڪا تو فلاڻي ٻانهي جي دل ۾ داخل ڪئي هئي ۽ اڄ مان تنهنجي دل وندارئي پريشاني پري ڪندس، مان تون کي تنهنجي حجت ياد ڏياريندس، مان نڪيرين جي جواب ۾ تو کي حق تي ثابت قدم رکندس، مان قيامت جي ڏينهن تو سان گڏ هوندس، ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ تنهنجي شفاعت ڪندس ۽ جنت ۾ تنهنجو مقام ڏيکاريندس۔ (موسوعة ابن ابي الدنيا، قضاء الحوائج،۴/۲۱۳، حديث: ۱۱۵)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته دل جوئي ڪرڻ ۽ ٻين جي دلين ۾ خوشي داخل ڪرڻ اهڙو ڪم آهي جو جنهن سان الله پاڪ پنهنجي ٻانهي کي مشڪلات کان بچائڻ جا اسباب پيدا فرمائيندو آهي۔ اچو دل جوئي بابت بزرگن جا ڪجھ قول به ٻڌون ٿا:

1۔ حضرت سَيدُنا بشر حافي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهفرمائن ٿا: ڪنهن مسلمان جي دل خوش ڪرڻ سو (100) (نفلي) حج کان بهتر آهي۔ (ڪيميائے سعادت، ۲/۷۵۱)

حضرت خواجه نظام الدين اولياء رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: قيامت جي بازار ۾