Book Name:Dil Joii Kay Fazail

جي دل ٽٽي پئي، ان جا لڙڪ وهڻ لڳا، هو واپس موٽي رهيو هو ته هڪ غير مسلم ڀر ۾ دوڪان واري ان کي ڏسي ورتو ۽ دُڪان تان لهي ان فقير وٽ آيو ۽ چيائين: مان تون کي ڏسي رهيو هئس ته تون منهنجي فلاڻي پاڙيسري سوناري کان ڪجھ ڳالهائي رهيو هئين؟ فقير چيو: ها! مون ان کان هڪ درهم گھريو هو ته پنهنجي گھر وارن جي افطاري جو بندوبست ڪري سگھان، پر ان مون کي خالي موٽائي ڇڏيو، مون ان کي چيو ته مان تنهنجي حق ۾ دعا ڪندس۔ اهو ٻڌي غير مسلم دوڪاندار فقير کي ڏھ درهم ڏنائين ۽ چيائين: پنهنجي گھر وارن تي خرچ ڪيو۔ فقير اتان کان روانو ٿيو ته گھڻو خوش ٿيو۔ جڏهن رات ٿي ته ان مسلمان سوناري خواب ڏٺو ته قيامت قائم ٿي چڪي آهي۔ اڃ ۽ مصيبت گھڻي وڌي وئي آهي۔ پوءِ ان اوچتو هڪ سفيد موتين وارو محل ڏٺو جنهن جا دروازا ياقوت جا هئا۔ ان مٿو کڻي چيو: اي هن محل جا مالڪ! مون کي ٿورو پاڻي پيئار، ته ان کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾آيو: ڪلهه شام تائين اهو محل تنهنجو هو پر جڏهن تو فقير جو دل ٽوڙي ۽ ان کي ڪجھ نه ڏنو ته ان محل تان تنهنجو نالو مٽائي تنهنجي غيرمسلم پاڙيسري جو نالو لکيو ويو آهي جنهن ان فقير جي حاجت پوري ڪئي ۽ ان کي ڏھ درهم ڏنا هئا۔   هاڻي بيدار ٿيڻ کان پوءِ سوناري گھٻرائيندي پنهنجي ان غيرمسلم پاڙيسري وٽ آيو ۽ چيائين: توهان منهنجا پاڙيسري آهيو، منهنجو توهان تي حق آهي ۽ مون کي توهان سان هڪ ضروري ڪم آهي۔ غير مسلم پڇيو: ٻڌاء! ڪهڙي حاجت آهي؟ ان چيو: ڪل شام توهان جيڪي ڏھ درهم فقير کي ڏنا هئا، انهن جو ثواب سو درهم جي بدلي مون کي ڏئي ڇڏيو، ته ان جواب ڏنو: الله جو قسم! مان هڪ لک جي بدلي به اهو ثواب نه ڏيندس بلڪ جيڪڏهن اوهان هن محل جي دروازي ۾ به داخل ٿيڻ جي خواهش ڪئي جيڪو اوهان ڪلهه رات خواب ۾ ڏٺو ته مان ان جي به اجازت نه ڏيندس۔ مسلمان سُوناري پڇيو: اوهان کي هن راز جي خبر ڪيئن ٿي؟ ته غير مسلم جواب ڏنو: ان جي خبر مون کي ان ذات ڏني آهي جيڪا ڪنهن به شيء کي