Book Name:Dil Joii Kay Fazail

ڀاءُ جي حاجت پوري ڪرڻ ۾ رهي ٿو الله پاڪ ان جي حاجت پوري فرمائيندو رهندو آهي۔ (مجمع الزوائد، ڪتاب البر والصلة، باب فضل قضاء الحوائج،۸/۳۵۳،حديث:۱۳۸۲۳) الله ڪريم اسان کي هن سميت دل جوئي جي تمام صورتن کي اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دل جوئي جي لاءِ هڪ شيء جو هئڻ گھڻو ضروري آهي ۽ اها آهي ”نرمي“ (Kindness) نرمي دل جوئي جي لاءِ ڪيتري اهم آهي ان جو اندازو هن ڳالھ سان لڳايو ته نرمي جي بغير ڪئي ويندڙ دل جوئي ”دل آزاري“ ۾ به مبتلا ڪري سگھي ٿي۔ تنهنڪري دل جوئي ڪرڻ واري جو نرم خو، نرم مزاج، نرم زبان، نرم انداز و نرم اطوار وارو هئڻ گھڻو ضروري آهي۔ دل جوئي جو بنيادي مقصد ئي هي آهي ته ٻين جي دلين ۾ خوشي داخل ڪئي وڃي جڏهن ته نرمي کي اپنائڻ بنا ٻين کي ناراض ته ڪري سگھجي ٿو انهن کي خوش نٿو ڪري سگھجي۔ ياد رکو! نرم زبان ۾ خرچ ڪجھ ناهي ٿيندو آهي پر ان سان نفعو گھڻو ٿيندو آهي، جڏهن ته تيز زبان استعمال ڪرڻ ۾ نقصان ئي نقصان آهي۔ يقين ڪريو! جيڪڏهن انسان ۾ نرمي پيدا ٿي وڃي ته هو هر دل عزيز بڻجي ويندو آهي۔ الله وارن جي هر دل عزيز بڻجڻ جو هڪ سبب اهو ئي آهي ته انهن جو ڪردار ۽ عادات و اطوار نرمي سان سلهارجي چڪا آهن۔ الله پاڪ اسان کي مسلمانن جي دل جوئي ڪرڻ ۽ نرمي اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

ہے فلاح و کامرانی نرمی و آسانی  میں

ہر  بنا  کام بگڑ  جاتا ہے  نادانی میں