Book Name:Dil Joii Kay Fazail

جون ٻه فضيلتون ٻڌو، (1) فرمايائون: جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت ڪندو ان جي لاءِ ان مصيبت زده جيترو ثواب آهي۔ (ترمذي، ڪتاب الجنائز ،باب ماجاء في اجر من عزي مصابا،۲/۳۳۸، حديث: ۱۰۷۵) (2) فرمايائون: جيڪو مومن ٻانهو پنهنجي ڪنهن مصيبت زده ڀاءُ جي تعزيت ڪندو الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان کي ڪرامت جو جوڙو پارائيندو۔ (ابن ماجه، ڪتاب الجنائز ،باب ماجاء في ثواب من عزي مصابا،۲ /۲۶۸، حديث:۱۶۰۱ ) ٭ مُرڪي ملڻ به دل جوئي جي هڪ صورت آهي۔ ٻين کي تسڪين ڏيڻ وارا آقا، هميشه تبسم فرمائڻ وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: توهان ماڻهن کي پنهنجي مال مان خوش نٿا ڪري سگھو پر توهان جي خنده پيشاني ۽ خوش اخلاقي انهن کي خوش ڪري سگھي ٿي۔ (شعب الايمان،باب في حسن الخلق، ۶/۲۵۴، حديث:۸۰۵۴) ٭ ٻين جي پريشاني پري ڪرڻ به دل جوئي جو ذريعو آهي۔ رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو ڪنهن مسلمان جي هڪ پريشاني پري ڪندو الله پاڪ قيامت جي پريشانين مان ان جي هڪ پريشاني پري فرمائيندو۔ (مسلم،ڪتاب البر والصلة،باب تحريم الظلم، ص۱۰۴۹،حديث: ۲۵۸۰ملتقطاً) ٭ ضرورت مند کي قرض ڏيڻ سان به دل جوئي ٿيندي آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: هر قرض صدقو آهي۔ (شعب الايمان،باب في الزڪاة،۳/۲۸۴، حديث:۳۵۶۳) ٭ تنگ دست مقروض کي مهلت ڏيڻ جتي ثواب جو ڪم آهي اتي دل جوئي جي ڪمن مان به آهي شفقت و مهرباني فرمائڻ واري آقا، ڪرم و عنايت جي برسات ڪرڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن کي اهو پسند هجي ته الله پاڪ ان کي پنهنجي عرش جي ڇانو ۾ جڳھ عطا فرمائي جنهن ڏينهن ان جي سوا ڪا ڇانو نه هوندي ته ان کي گھرجي ته تنگدست کي مهلت ڏئي يا ان جو قرض معاف ڪري ڇڏي۔ (الترغيب والترھيب ،ڪتاب الصدقات ،باب الترغيب في التيسير علي المعسر،۲/۲۴،حديث:۱۸) ٭ حاجت پوري ڪرڻ به دل جوئي جو سبب آهي۔ گناهگارن جي شفاعت فرمائڻ واري آقا، اڃايلن کي جامِ ڪوثر سان سيراب فرمائڻ واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ٻانهو جيستائين پنهنجي