Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

تمہیں  دیتا ہوں مولیٰ واسِطہ میں چار یاروں کا             مِرے ہوجائیں طے مشکل مراحل یارسولَاللہ

                                                                                    (وسائل بخشش مرمم،ص٣٣٥)

 (۲) صبح ۽ شام جي تعريف

شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت، بانيِ دعوتِ اسلامي حضرتِ علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ شجرهءِ، قادريه، رضويه، ضيائيه، عطاريه جي صفحي نمبر 11 تي صبح ۽ شام جي تعريف بيان ڪندي تحرير فرمائن ٿا: اڌ رات ختم ٿيڻ کان وٺي سج جي پهرين شعاع چمڪڻ تائين ”صبح“ آهي. هن سڄي وقفي ۾ جيڪو ڪجھ پڙهيو وڃي ان کي صبح ۾ پڙهڻ چونداسين ۽ منجهند ختم ٿيڻ (يعني ظهر جي ابتدائي وقت) کان وٺي غروبِ آفتاب تائين ”شام“ آهي. هن پوري وقفي ۾ جيڪو ڪجھ پڙهيو ويندو ان کي شام ۾ پڙهڻ چونداسين. (شجرۂ قادریہ رضویہ ضیائیہ عطاریہ،ص۱۱)

اچو! فتاويٰ رضويه جلد 23، صفحو 339 مان هڪ معلوماتي سوال جواب سان حاصل ٿيڻ وارا مدني گل ٻڌون ٿا:

(1) جڏهن به ڪو وظيفو پڙهيو وڃي ته اهو ڪنهن جائز ڪم کي پورو ڪرڻ جي لاءِ، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عاجزي ڪرڻ جو ذريعو هجي(اهڙي طرح جي عاجزي دعا آهي ۽ دعا عبادت جو مغز آهي). پڻ هن وظيفي کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وسيلو بڻائي ۽ ثواب جي نيت سان وظيفو ڪري.

(2) هنن نيتن سان وظيفو مسجِد ۾ به ڪري سگهجي ٿو.

(3) جيڪڏهن وظيفو صرف هن نيت سان ڪيو وڃي ته منهنجو ڪم ٿي وڃي تڏهن به جائز ته آهي پر ثواب نه ملندو ۽ اهڙا وظيفا مسجد ۾ نه ڪرڻ بهتر آهن.

(4) هي ڪيئن خبر پوندي ته وظيفو ثواب ۽ دعا سمجهي ڪري ڪَري رهيا آهيون يا پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ؟ ان جي هڪ نشاني هيءَ آهي ته