Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

وغيره جي تعظيم ۽ بزرگانِ دين جو هميشه ادب ۽ احترام ڪرڻ. (6) جيڪو به وظيفو پڙهو دل جي حضوري (يعني مڪمل توجھ) سان پڙهو. (7) جيڪو عمل ۽ وظيفو پڙهو ان جي تاثير تي پورو پورو يقين (conviction) ۽ پختو عقيدو رکڻ. جيڪڏهن شڪ ۽ شبهو ٿيو ته وظيفي يا عمل ۾ اثر نه رهندو. هنن 7 شرطن کان علاوه اعمال ۽ وظائف جا ڪجھ ضروري آداب به آهن. هر عمل ڪرڻ واري تي لازم آهي ته اهو انهن آدابن جو به خيال ۽ لحاظ رکي، نه ته دعائن ۽ وظيفن جي تاثير ۾ ڪمي ٿي وڃڻ لازمي آهي. اچو! ڪجھ اهم ۽ ضروري آداب جو تذڪرو ٻڌون ٿا:

 وظائف جا 9 ضروري آداب

(1)  هر عمل يا وطيفو ڪندي وقت نهايت ئي خشوع ۽ خضوع سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عاجزي ۽ نيازمندي جو اظهار ڪري. (2) هر عمل ۽ وظيفو شروع ڪرڻ کان پهريان ڪجھ صدقو ۽ خيرات ڪري. (3) هر عمل ۽ وظيفي جي اوّل ۽ آخر دُرودِ پاڪ جو ورد ڪري. (4) وظيفن کان پوءِ جڏهن پنهنجي مقصد جي لاءِ دعا گهري ته هڪ ئي ڀيرو دعا گهري ڪري بس نه ڪري بلڪ باربار روئي روئي دعا گهري. (5) جيستائين ٿي سگهي هر دعا ۽ وظيفو وغيره عمليات کي اڪيلائي ۾ پڙهي جتي نه ڪنهن جو اچڻ وڃڻ هجي نه ڪنهن جو آواز اچي. (6) ڪنهن مسلمان کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ هرگز هرگز نه ڪو عمل ڪري نه ڪو وظيفو پڙهي. (7)  جڏهن به ڪو عمل ڪري يا وظيفو پڙهي ته ان دوران تمام گهٽ کائي ۽ سادي غذا کائي پيٽ ڀري ڪري نه کائي ڇو ته پيٽ ڀريل ماڻهو اڪثر دعا جي تاثير سان محروم رهندا آهن. (8) وظائف پڙهڻ جي دوران بدن ۽ ڪپڙن جي پاڪي ۽ صاف سٿرائي جو خاص طور تي خيال ۽ لحاظ رکي بلڪ خوشبو ۽ عطر(fragrance) به استعمال ڪري ۽ ظاهري پاڪائي ۽ صفائي سان گڏوگڏ پنهنجا اخلاق ۽ ڪردار ۽ باطني صفائيءَ جو به اهتمام رکي. (9) هر عمل سٺي وقت ۾ ڪري ۽ هر وظيفو قبلي جي طرف منهن ڪري پڙهي. (جنتی زیور،ص۵۷۶،۵۷۵ملتقطاً)