Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

ذِکُر و دُرود ہر گھڑی وِردِ زباں رہے                                         میری فُضُول گوئی کی عادت نکال دو

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۰۵)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! جيڪي خوش نصيب اوراد ۽ وظائف جي شرطن ۽ آدابن کي مدِّنظر رکندي ڪو وظيفو يا وِرد ڪندا آهن ته اهي فائدي ئي فائدي ۾ هوندا آهن ۽ اهي پنهنجي مراد حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويندا آهن.

اچو!هن بابت هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌو، جيئن ته

مَا شَآ ءَ اللہُ   کَانَ جو وظيفو ڪرڻ تي انعام

حضرت سَيدُنا ابوبڪر بن زيَّات رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان منقول آهي: هڪ شخص حضرتِ سيدنا معروف ڪَرخِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: حضور! اَڄ صبح اسان وٽ ٻار جي ولادت ٿي آهي، مان سڀ کان پهريان اوهان وٽ هيءَ خبر کڻي آيو آهيان ته جيئن اوهان جي برڪت سان اسان جي گهر ۾ ڀلائيءَ جو نزول ٿئي. حضرت سيدنا معروف ڪَرخِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: الله پاڪ توهان کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي. هتي ويهو ۽ (100) ڀيرا هي الفاظ چئو: مَاشَآءَاللہُ کَانَ يعني الله پاڪ جيڪو چاهيو اهو ئي ٿيو. پوءِ ان سؤ(100)ڀيرا اهي الفاظ دُهرايا پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: ٻيهر اهي ئي الفاظ دُهرايو. ان سؤ(100)ڀيرا وري اهي ئي الفاظ دُهرايا. فرمايائين: وري اهي ئي الفاظ دُهرايو. اهڙي طرح (5) ڀيرا ان کي حڪم ڏنو. بهرحال ان پنج سؤ (500) ڀيرا اهي الفاظ دُهرايا. ايتري ۾ وزير جي والده اُمِّ جعفر جو خادم هڪ خط ۽ ٿيلي کڻي حاضر ٿيو ۽ چيائين: اي معروف ڪرخي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه! اُمِّ جعفر اوهان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي سلام چوي ٿي، اُن هيءَ ٿيلي اوهان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ موڪلي آهي ۽ چيو آهي ته غريبن ۽ مسڪينن ۾ هيءَ رقم تقسيم ڪري ڇڏيو. هي ٻڌي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  پيغام کڻي اچڻ واري کي فرمايو: رقم جي ٿيلي هن شخص کي ڏئي ڇڏيو، هن جي گهر ۾ ٻار جي ولادت ٿي آهي، ان چيو: هي پنج سو(500) درهم آهن، ڇا سڀئي هن کي ڏئي ڇڏيان؟ فرمايائين: ها! سڀ رقم هن