Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

ٿي ويندو آهي، سُوْرَۃُ الْکافِرون چوٿائي قرآن جي برابر آهي، سُوْرَۃُ الْاِخْلاص  ٽهائي قرآن جي برابر آهي، هن جا ڪيترائي فضائل آهن، سُوْرَۃُ الْفَلَق ۽ سُوۡرَۃُ النَّاس سان جنن ۽ شيطانن ۽ حاسدن جي شر کان حِفاظت رهندي آهي. (جنتی زیور،ص۵۸۸)

اي ڪاش! سڀ مسلمانن کي تلاوتِ قرآن ڪرڻ جو جذبو نصيب ٿي وڃي. اچو! امير هلِسنت جي دعا ۾ شامل ٿي وڃون:

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت                                          رہوں باوُضو میں سدا یاالٰہی

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۱۰۲)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                     صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مجلسِ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽرز

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان قرآني سورتن جا ڪهڙا ڪهڙا فضائل ۽ برڪتون آهن، لهٰذا روزانو ڪم از ڪم هڪ سيپارو يا جيترو ممڪن ٿي سگهي تلاوتِ قرآن جو معمول بڻائي ڇڏيو،  جيڪڏهن قرآن پڙهڻ نٿو اچي ته عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت مختلف مسجدن ۾ لڳڻ وارن مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙهو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪجھ ئي عرصي ۾ درست قرآن پڙهڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي شرعي مسئلن جي به ڄاڻ نصيب ٿيندي. مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙهڻ تي استقامت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو.

      اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 105 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ” مجلس هوميو پيٿڪ ڊاڪٽرز“ به آهي.

موجوده دور ۾ عِلاج جا مُختلف طريقا رائج آهن، ايلوپيٿڪ طريقهءِ علاج ۽ ميڊيسن سان علاج ڪرڻ وارن کي ايلوپيٿڪ ڊاڪٽرز، هوميو پيٿڪ طريقهءِ