Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

تي لڳائي ڇڏيندا آهن. اهڙن جي متعلق پوءِ هر ايندڙ ڏينهن خبرون (News) ٻڌڻ جي لاءِ ملنديون آهن ته فلاڻي جو دماغ ڦاٽي پيو، فلاڻو چريو ٿي ويو وغيره. لهٰذا ڪتابن، انٽرنيٽ ۽ پنهنجي ناقص عقل تي اعتماد ڪرڻ جي بجائي هميشه ڪنهن باعمل ۽ مُسۡتَند عامل يا پير ڪامل جا ٻڌايل وظيفا ئي پڙهڻ جي ترڪيب بڻائڻ گهرجي.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! موجوده دور ۾ امير اهلِ سنت حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي صورت ۾ هڪ ڪامل ۽ اڪمل عامل، عالم ۽ پيرِ ڪامل موجود آهن پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا عطا ڪيل تعويذات ۽ وظائف نهايت اثر رکندڙ هوندا آهن.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اميراهلسنت مسلمانن جي خيرخواهي جي عظيم جذبي جي تحت مشهور قرآني سورتن، دُرودن، روحاني ۽ طبي علاجن ۽ خوشبودار مدني گلن جو دلچسپ مدني گلدستو ”مدني پنج سورو“، علاج جي گهريلو نسخن تي مشتمل مدني گلدستو ”گهريلو علاج“ ۽ الله ڪريم جي مبارڪ نالن جي برڪتن سان معمور رسالو ”چاليھ روحاني علاج پڻ طبي علاج“ جا تحفا اُمت کي عطا فرمايا آهن. ان کان علاوه  هنن رسالن”بيمار عابد“، زندہ بیٹی کنویں میں پھینک دی، چڑیا اور اندھا سانپ، مینڈک سُوار بچھو ۽ ”پردي جي باري ۾ سوال جواب“ ۾ به اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  ڪيئي وظائف تحرير فرمايا آهن.

  لهٰذا هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي رهڻ سان ۽ جعلي عاملن جي هٿي چڙهڻ کان بهتر آهي ته هنن ڪتابن ۽ رسالن کي اَڄ ئي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي طلب ڪيو ۽ ٻين کي به تحفي طور پيش ڪيو. دعوت اسلامي جي ويب سائٽ ilyasqadri  اورwww.dawateislami.net  تان هنن ڪتابن ۽ رسالن کي پڙهي به سگهجي ٿو.

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’بعدِ فجر مدني حلقه‘‘