Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

ترجمو: ۽ اسان قرآن ۾ نازل ڪريون ٿا اها شيءِ جيڪا ايمان وارن جي لاءِ شفا ۽ رحمت آهي.

پوءِ قرآنِ مجيد دل، بدن ۽ روح سڀ جي لاءِ دوا آهي. جڏهن ڪجھ ڪلامن جون به خاصيتون  ۽ فائدا  هوندا آهن، ته پوءِ  ربِّ ڪريم جي ڪلام جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي، جنهن جي فضيلت ٻين ڪلامن تي اهڙي آهي، جيئن الله پاڪ جي سندس مخلوق تي. قرآنِ پاڪ ۾ ڪجھ اهڙيون آيتون آهن جيڪي خاص مرضن ۽ مصيبتن جي خاتمي جي لاءِ آهن، انهن آيتن جي سڄاڻپ خاص ماڻهن کي هوندي آهي. (فیض القدیر،٣/٦٢٨)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! قرآنِ پاڪ جي هر سورت جي پنهنجي ئي فضيلت، خاصيت ۽ شان آهي جيڪا جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ، رنج ۽ غم مٽائي ڪري دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ ۽ مرض کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ڪافي آهي. اچوته ! ترغيب جي لاءِ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”جنتي زيور“ مان قرآنِ پاڪ جي ڪجھ سورتن جا فضائل ۽ خاصيتون ۽ فائدا ٻڌون ٿا.

قرآني سورتن جا فضائل ۽ خاصيتون ۽  فائدا

٭ سُوۡرَۃُ الْفاتِحَہ 100 ڀيرا پڙهي ڪري جيڪا دُعا گهري وڃي، قبول ٿيندي آهي، ٭ سُوْرَۃُ الْبَقَرہ جي تلاوت سان شيطان گهر مان ڀڄي ويندو آهي آیَۃُ الْکُرسی پڙهڻ سان محتاجي دور ٿي ويندي آهي. ٭ سُوْرَۃُ الْکَہْف کي هميشه پڙهڻ وارو دجَّال جي فتنن سان محفوظ رهندو، ٭ والدين جي قبر تي هر جُمعي تي سُورۂ یٰسٓ جي تلاوت ڪرڻ سان هِن جي حروفن جي تعداد جي برابر، اُن( پڙهڻ واري) جا گناھ بخشجي ويندا آهن، ٭ سُورةُ الدُّخان پڙهڻ سان مشڪل دور ٿي ويندي آهي، ٭ جيڪو مرڻ جي قريب هجي اُن تي سورةُ الجاثِيه جو دم ڪرڻ سان اُن جو خاتمو بالخير ٿيندو، ٭ سُوْرَۃُ الحُجُرات جو پڙهڻ  ۽ دم ڪري پيئڻ گهر ۾ خير ۽