Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

علاج ۽ دوائن سان علاج ڪرڻ وارن کي ”هوميوپيٿڪ ڊاڪٽرز“، يوناني طِب وارن کي حڪيم چيو ويندو آهي، عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ طبيبن جي ھر طَبقي جي لاءِ هڪ الڳ مجلس قائم ڪئي وئي آهي، ان سمورين مَجلسن جو بنيادي مَقصَد ان پيشي سان وابسته ماڻهن جي دلين ۾ فَرض عُلُوم جي اَھميت اُجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن تائين دعوتِ اسلامي جو مدني پيغام پھچائڻ ۽ انهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي هن مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه جي مُطابِق زندگي گذارڻ جو مدني ذهن ڏيڻ آهي.

الله پاڪ دعوتِ اسلامي جي تمام مجلسن ۽ شعبن کي وڌيڪ ترقيون عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

(وسائل بخشش مرمم،ص۳۱۵)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                         صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ذڪر ۽ دُرُود جا مدني گُل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي ذڪر ۽ دورود جا ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. پهريان فرامينِ مصطفيٰ ملاحظه ڪيو: (1) فرمايائين: پنهنجي ربِّ ڪريم جو ذڪر ڪرڻ وارن ۽ نه ڪرڻ وارن جي مثال زنده ۽ مرده جي طرح آهي. ( بخاری، کتاب الدعوات، ۴/۲۲۰، حدیث:۶۴۰۷)

(1)     فرمايائين: قيامت جي ڏينهن ماڻهن ۾ منهنجي تمام ويجهو اهو هوندو جنهن دُنيا ۾ مون تي زياده دُرودِ پاڪ پڙهيا هوندا. (تِرمِذی، ۲/۲۷، حدیث:۴۸۴ )

٭ الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ روحاني غذا آهي. ٭ الله پاڪ جو ڪثرت سان ذڪر