Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

جيڪڏهن وظيفو ڪرڻ جي باوجود مقصد نه مِليو ته وظيفو ئي ڇڏي ڏنو ته اهو وظيفو پنهنجي ڪم ڪڍڻ جي لاءِ ئي هو، ڇو ته جيڪڏهن دعا ۽ ثواب سمجهي ڪري ڪَري ها ته جاري رکي ها.

(5) وظيفو جائز ڪم جي حصول جي لاءِ هجي. جيڪڏهن ناجائز ڪم جي لاءِ هجي مثال طور زال مڙس ۾ لڙائي ڪرائڻ جي لاءِ ته اهو وظيفو به ناجائز آهي.

(6) وظيفو جيڪڏهن ڪنهن جائز ڪم جي لاءِ ئي هجي، پر ڪنهن ناجائز طريقي سان هجي مثلاً سفلي(شيطاني جادو) وغيره جي ذريعي تڏهن به ناجائز آهي. (فتاویٰ رضویہ،۲۳/۳۸۹ملخصاً)

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عمومي طور جڏهن انسان بيمار هوندو آهي ته سڌو ڪنهن ڊاڪٽر يا حڪيم وٽ ويندو آهي، اهو ڊاڪٽر يا حڪيم مريض جي حالت جي مطابق ان کي ڪجھ شين جي پرهيز ڪرڻ ٻڌائيندو آهي، مثال طور ساديون غذائون کائڻ جي تاڪيد ڪندو آهي، ۽ چوندو آهي ته جيڪڏهن پرهيز ڪندي ته ئي دوا اثر ڪندي، پرهيز ڪرڻ سان جلد علاج ٿيندو، جيڪڏهن پرهيز نه ڪيو ويو ته سواءِ پيسا ضايع ڪرڻ جي ڪجھ هٿ نه ايندو. هاڻي مريض جيڪڏهن پنهنجي طبيب جي هدايت جي مطابق دوا (Medicine) وقت تي کائي ۽ پابندي سان پرهيز به جاري رکي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهو جلد صحتياب ٿي ويندو، پر جيڪڏهن اهو وقت تي دوا نه کائي، منع ڪيل شيون به پيٽ ڀري کائيندو پيئندو رهي، ان جي دل ۽ دماغ ۾ هن طرح جا خيال به ايندا رهن ته خبر ناهي دوا اثر ڪندي يا نه، خبر ناهي مونکي شفا ملندي يا نه، ڪٿي هن مان مونکي ڪو نقصان ته نه ٿيندو؟ پوءِ يقينًا اهڙو شخص تمام وڏو نادان آهي.

اهڙي طرح اوراد ۽ وظائف جو معاملو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص اوراد ۽ وظائف جي اصولن ۽ قانونن جي پابندي نه ڪري، جن شين کي ڪرڻ گهرجي،