Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

(1)        ارشاد فرمايائين: لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِاللہ پڙهندا ڪيو، ڇو جو هي جنت  جي خزانن مان هڪ خزانو آهي. (مسلم، کتا ب الذکرو الدعاء باب استحباب خفض الصوت بالذکر ،حدیث : ۲۷۰۴، ص۱۱۱۲)

(2)        ارشاد فرمايائين: ڇا مان توهان کي جنت جي دروازن مان هڪ دروازي جي باري ۾ نه ٻڌايان؟ عرض ڪئي وئي، اهو ڪهڙو آهي؟ ارشاد فرمايائين: لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِالله (مجمع الزوائد ،کتا ب الاذکار، باب ماجاء فی لاحول ولاقوۃ الا باللّٰہ ،۱۰/۱۱۸،حدیث: ۱۶۸۹۷)

(3)        ارشاد فرمايائين: جنهن: لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِالله پڙهيو ته هي (ان جي لاءِ) نوانوي (99) بيمارين جي دوا آهي، انهن مان سڀ کان هلڪي بيماري رنج ۽ غم آهي. (التر غیب والترھیب ، کتاب الذکر والدعاء، التر غیب فی قول لا حول ولا قوۃ الا با اللہ  ،۲/۲۹۱، رقم: ۲۴۴۸)

(4)        ارشاد فرمايائين: اي علي (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ)! مان توکي اهڙا ڪلما نه ٻڌايان، جنهن کي تون مصيبت جي وقت پڙهي وٺين، عرض ڪيائين ضرورارشاد فرمايو! اوهان تي منهجي جان قربان! سموريون ڀلايون مون اوهان کان ئي سکيون آهن، ارشاد فرمايائين: جڏهن تون ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي وڃين ته هن طرح پڙهه: بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ وَلَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہِ الْعَلِیِّ الْعَظِیْمِ پوءِ الله پاڪ ان جي برڪت سان جن بلائن کي چاهيندو دور فرمائي ڇڏيندو. (عَمَلُ الْیَوْمِ وَاللَّیْلَۃِ،ص۱۲۰)

 

ان کان علاوه عالمن سڳورن به لَاحوۡل شريف جي برڪتن کي بيان ڪيو آهي. جيئن ته

حڪيم الاُمّت، حضرٽ مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: صوفياءِ ڪرام (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اجمعين) فرمائن ٿا: جيڪو به صبح ۽ شام ايڪيهه (21) ڀيرا لاحَوۡل شريف (يعني وَلَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہِ الْعَلِیِّ الْعَظِیْمِ) پاڻيءَ تي دم ڪري پيئندو ڪري ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه شيطاني وسوسن کان امن ۾ رهندو. (مِرآۃالمناجیح،۱/۸۷ملخصاً)

بلاؤں نے مجھے ہر سَمت سے کچھ ایسا گھیرا ہے            مرے بڑھتے ہی جاتے ہیں مسائل یارسولَاللہ