Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کيس پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِي اللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهيءَ تي صَحابَه ڪرام
رَضِي اللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهڙي مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته هيئن پڙهندو آهي.([1])

(6) دُرُود شَفَاعت

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ

شافع امم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي.([2])


 

 



[1]القول البدیع، الباب الاول، ص125

[2]… الترغیب والترهیب، ج ۲، ص ۳۲۹، حدیث ۳۱