Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

(۱)وظيفي جي برڪت سان زنجيرون ٽٽي ويون

 مشهور سيرت نگار حضرت سيدنا محمد بن اسحاق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جو بيان آهي، حضرت مالڪ اشجعي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حضور نبِي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين، منهنجو پٽ عوف (دشمنن جي)  قيد ۾ آهي، مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن ان کي ارشاد فرمايو: تون پنهنجي پٽ ڏانهن هي پيغام پهچاءِ ته الله پاڪ جا رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ان کي ڪثرت سان لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِاللہ پڙهڻ جو حڪم ڏين ٿا.

حضرت سيدنا عوف بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي دشمنن زنجيرن ۾ ٻڌِي رکيو هو، پر هن وظيفي جي برڪت سان ان جون زنجيرون ٽٽي ويون، اهو دشمنن جي قيد مان نڪري ڪري انهن جي هڪ ڏاچيءَ تي سوار ٿي ڪري هلي پيو. رستي ۾ هڪ چراگاھ ۾ دشمنن جا جانور چري رهيا هئا. جڏهن سندن انهن کي پڪاريو ته اهي سڀ جا سڀ ڊوڙندي ڀڄندي سندن جي پٺيان هلي پيا.  جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ گهر پهتا ته دروازي (Door) تي اچي پنهنجي والدين کي پڪاريائون ته سندن جا والدين خوشي مان جهومي پيا ۽ حيران به ٿي رهيا هئا ته عوف ته قيد ۾ هئا پوءِ ڪيئن هتي اچي ويا؟. بهرحال جڏهن سندن جا والدين ۽ سندس خادم دروازي ڏانهن ويا ته ڏٺائون ته حضرتِ عوف رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪيترن ئي اٺن سان گڏ موجود آهن، پاڻ پنهنجي والدِين کي پنهنجي ۽ اُٺن جي معاملي جي باري ۾ آگاھ ڪيو. سندن جي والدِ محترم حضرتِ عوف رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي فرمايو: بيهو! مان رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي انهن اُٺن جي باري ۾ سوال ڪندس (ته هي اُٺ اسان جي لاءِ حلال آهن يانه؟) اهڙي طرح سندن جي والدِ محترم بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿي ڪري عوف ۽ اُٺن جي باري ۾ عرض ڪيو، سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ان کي ارشاد فرمايو: انهن اُٺن کي اوهان جيڪو چاهيو ڪريو (يعني اهي اُٺ توهان جي لاءِ حلال آهن). تفسیر ابن کثیر، پ۲۸،سورۃ الطلاق،تحت الاٰیۃ: ۲،۳،۸/۱۷۰