Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

شُکر ایک کرم کا بھی ادا ہو نہیں سکتا        

دل اُن پہ فِدا جانِ حَسنؔ اُن پہ فِدا ہو

(ذوقِ نعت،ص۲۰۷)

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان! اوراد ۽ وظائف جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون ظاهر ٿينديون آهن جو جڏهن حضرتِ عوف بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي دشمنن قيد ڪري ڇڏيو، ته سندن نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عطا ڪيل وظيفي کي ڪثرت سان پڙهيو ته قدرتِ الاهي جي جلوَنۡ جون بهارون اچي ويون، الله پاڪ جي مدد شاملِ حال ٿي وئي، زنجيرون خودبخود ٽٽي پيون، قيد مان آزادي نصيب ٿي وئي، سندن جي ڪرامت سان اُٺن جو ڌڻ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي آواز تي سندن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳو ۽ پاڻ الله پاڪ جي رحمت جو نظارو ڪرڻ کان پوءِ خوشي خوشي پنهنجي گهر ڏانهن روانا ٿي ويا. بيان ڪيل حڪايت مان جتي ڪيترائي خوشبودار مدني گل پنهنجي خوشبو پکيڙي رهيا آهن اتي اسان کي لاحَوۡل شريف جي اهميت به معلوم ٿي ته هي هڪ اهڙو طاقتوَر (Powerfull) وظيفو آهي جيڪو مشڪلات جي دلدل مان ڪڍڻ ۾ نهايت فائديمند آهي، لهٰذا جڏهن به ڪا مشڪل يا بيماري اچي وڪوڙي مثال طور: گهٻراهٽ ٿيندي هجي، جاني يا مالي نقصان ٿي وڃي، مثلاً گاڏي، سامان يا رقم چوري ٿي وڃي، گهر، دڪان يا فيڪٽري ۾ باھ لڳي وڃي، ناانصافي يا ڌوڪو ٿي وڃي، دشمنن جو خوف، سڪون ختم ڪري ڇڏي، حالات خراب ٿي وڃن، ناحق ڪنهن مقدمي ۾ ڦاسايو وڃي، ڪو حادثو ٿي وڃي، قرض لَهڻيندڙ قرض وٺڻ جو مطالبو ڪن، انڌاري، سيلاب يا زلزلو اچي وڃي، گهر ۾ ڪو بيمار ٿي وڃي الغرض هر حال ۾ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِاللہ جي ڪثرت ڪئي وڃي، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه فائدو ٿيندو ۽ فائدو ڇو نه ٿي جو خود رسول پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي زبانِ حق ترجمان سان لاحول شريف جا فضائل ۽ ان جي برڪتن کي بيان فرمايو آهي. اچوته! برڪت  حاصل ڪرڻ جي لاءِ 4 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ٻڌون ٿا، جيئن ته