Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

سينگار آهي. (31) دُرودشريف سان غربت ۽ فقۡر دور ٿيندو آهي. (32) زندگيءَ جي تنگي دور ٿي ويندو آهي. (33) هن جي ذريعي خير جون جايون ڳوليون ويندون آهن. (34) دُرود شريف پڙهڻ وارو قيامت جي ڏينهن سمورن ماڻهن کان وڌيڪ حضور انور، شافعِ محشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجهو هوندو. (35) دُرود شريف سان درود پڙهڻ وارو پاڻ، ان جا پٽ پوٽا فائدو حاصل ڪندا. (36) اهو به فائدو حاصل ڪندو جنهن کي دُرود شريف جو ثواب پهچايو ويو. (37) الله پاڪ ۽ ان جي رسولِ ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو قرب نصيب ٿيندو. (38) هي دُرود هڪ نور آهي، هن جي ذريعي دشمنن تي فتح حاصل ڪئي ويندي آهي. (39) نفاق (منافقت) ۽ زنگ کان دل پاڪ ٿي ويندي آهي. (40) دُرود شريف پڙهڻ واري سان ماڻهون محبت ڪندا آهن. (41)  خواب ۾ حضور پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ٿيندي آهي. (42) دُرود شريف پڙهڻ وارو ماڻهن جي غيبت کان محفوظ رهندو آهي. (43) دُرود شريف سمورن عملن کان وڌيڪ برڪت وارو ۽ افضل عمل آهي. (44) دُرود شريف دينِ ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نفع بخش (يعني فائدو ڏيڻ وارو) آهي ۽ ان کان علاوه هن وظيفي ۾ ان سمجهدار ماڻهوءَ جي لاءِ تمام گهڻو ثواب آهي.

الله ڪريم اسان کي ڪثرت سان دُرودِ پاڪ پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين. (صراط الجنان،۸/۸۱)

کربلا والوں کا صدقہ یانبی!

دُور ہوں رَنج و اَلَم چشمِ کرم

وردِ لب ہر دم دُرودِ پاک ہو

یا شہِ عرب و عجم! چشمِ کرم

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد