Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

مدني حلقي جي برڪت سان اشراق ۽ چاشت جا نفل پڙهڻ جو موقعو ملندو آهي، ٭ بعدِ فجر مدني حلقي ۾ بزرگانِ دين َحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي ذڪرِ خير تي مشتمل شجرو شريف پڙهڻ ٻڌڻ جو شرف حاصل ٿيندو آهي، ۽  بزرگانِ دين جو تذڪرو ڪرڻ باعثِ رحمت آهي جيئن ته حضرت سيدنا سفيان بن عُيَيۡنه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نيڪ ماڻهن جي ذڪر جي وقت رحمتِ الاهي نازل ٿيندي آهي. (حِلْیَۃُ الْاَوْلِیَاء، ۷ / ۳۳۵، رقم:۱۰۷۵۰).  

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! بزرگانِ دين جي ذڪرِ خير تي مشتمل هن مبارڪ شجري جي برڪت سان ڪيترن ئي عاشقانِ رسول جا رُڪيل ڪم بڻجي ويندا آهن. اچو! بطورِ ترغيب هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ شجرو شريف پابندي سان پڙهڻ جي نيت ڪيو. جيئن ته

ويزا ملي وئي

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14 سالن کان بيرونِ ملڪ ۾ مقيم ۽ 6 سالن کان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته آهن. جتي اُن جو پنهنجو ڪاروبار(Business) آهي. ان کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضرورت پئي. اُن ويزن جي لاءِ باربار درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشش جي باوجود ويزا نه ملي سگهيا. ڪيئي سال ايئن ئي گذري ويا، اهو ڏاڍو پريشان هو ڇو جو ملازم نه هجڻ جي وجھ سان اُنکي نقصان کڻڻو پئجي رهيو هو. بهرحال ان همت ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست جمع ڪَرائي. انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ اُن کي ”شَجَرَۂ قادِرِیَّہ رَضَوِیَّہ ضِیا ئِیَّہ عَطَّارِیَّہ“  مان شجرهءِ عاليه جا دعائيه اشعار پڙهڻ جو مشورو ڏنو. اُن شجري شريف مان دعائيه اشعار بِلاناغه پڙهڻ شروع ڪري ڏنا.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! شَجَرَۂ عَالِیَہ قادِرِیَّہ رَضَوِیَّہ عَطَّارِیَّہ پڙهڻ جي برڪت سان اُن جو اهو ڪم جيڪو ڪيترن ئي سالن کان نه پئي ٿيو اهو حيرت انگيز طور تي ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ٿي ويو يعني اُن کي مطلوبه تعداد ۾ ويزا ملي ويا.                 

مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکِل کُشا کے واسِطے                                   کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے