Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اوراد ۽ وظائف جون برڪتون

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                 وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                                 وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)

دُرُود شريف جي فضيلت

حضرت سَيّد محمود ڪُردي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: منهنجي امڙ سائڻ مونکي خبر ڏني ته منهنجي والدِ ماجد (يعني حضرتِ  سيّد محمود ڪُردي جا نانا جان) جنهن جو نالو محمد هو، انهن مونکي وصيت ڪئي هئي ته جڏهن منهنجو انتقال ٿي وڃي ۽ غسال مونکي غسل ڏئي ڇڏي ته ڇت مان منهنجي ڪفن تي هڪ سبز رنگ جو ڪاغذ (Paper) ڪرندو جنهن ۾ لکيل هوندو ھٰذِہٖ بَرَاءَ ۃُ مُحَمَّدِنِ العَالمِِ بِعِلْمِہٖ مِنَ النَّار يعني محمد جيڪو عالِم آهي، ان کي عِلم جي سبب جهنم کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي.“ ان ڪاغذ کي منهنجي ڪفن ۾ رکي ڇڏجانءِ. بهرحال غسل کان بعد اهو ڪاغذ ڪريو، جڏهن ماڻهن ڪاغذ پڙهي ڇڏيو ته مون ان کي ان جي سيني تي رکي ڇڏيو. ان ڪاغذ جي هڪ خاص ڳالھ هيءَ هئي ته جهڙي