Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                        صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

 

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! ايندڙ هفتيوار اجتماع ۾ اسان  اصحابِِ صُفَّہ عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي شان ۽ عظمت ۽ انهن جي قُربانين جي باري ۾ ٻڌنداسين. هنن الله جي پيارن مان ڪجھ مشهور صحابي سڳورن عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي مبارڪ زندگين جي باري ۾ ڪجھ ايمان افروز واقعا به ٻڌنداسين. اصحابِ صُفَّہ  جي سيرت مان اسان کي ڪهڙو درس ملندو آهي، اهي ڪهڙا سبب هئا جو اصحابِ صُفَّہ پنهنجا گهرٻار، اهل ۽ عيال ۽ فڪرِ روزگار سان بي نياز ٿي ڪري مسجدِ نبوي ۾ ئي رهندا هئا، هي سڀ ايندڙ اجتماع جي بيان ۾ اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، تنهنڪري اچڻ واري جمعي رات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪيو ۽ هٿ مٿي ڪري زور سان چئو؛ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد