Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

آهي، هاڻي ايترو سفر باقي آهي، انهن ڪلو ميٽرن جي نشانن کي ڏسندي رهڻ سان اُن کي محسوس ٿيندو آهي ته شايد اُن جو سفر آسان ٿيندو پيو وڃي، ايستائين جو اهو پنهنجي منزل تي پهچي ويندو آهي.

انهيءَ طرح ثواب تي نظر رکي وڃي ۽ اولاً ڪجھ وظيفن جي لاءِ وقت جو اندازو لڳايو وڃي ته فلاڻي وظيفي کي پڙهڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو آهي. مثال طور سورة ملڪ جي تلاوت ڪرڻ ۾ تقريباً 5 منٽ لڳندا آهن، شجرهءِ قادريه، رضويه، ضيائيه، عطاريه ۾ ڏنل اوراد ۽ وظائف مان روزانو جو هڪ وظيفو آهي جنهن کي 70 ڀيرا پڙهڻو پوندو آهي. ۽ اهو هي آهي اَسْتَغْفِرُاللہَ الْعَظِیْمَ وَاَتُوْبُ اِلَیْہ هن تي تقريباً 4 منٽ لڳندا آهن. 166 ڀيرا هي پڙهڻو هوندو آهي ”لَاۤاِلٰہَ اِلَّااللہُ“ (آخر ۾”مُحَمَّدٌرَّسولُ اللہ“ هن تي تقريبًا سَوا 4 منٽ لڳندا آهن، 111 ڀيرا جيڪڏهن دُرود شريف صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد پڙهيو وڃي ته تقريباً ساڍا چار (2/41) منٽ لڳندا آهن. ٽئي قل (سُورۂ اِخلاص، سُورۂ فَلَقْ اور سُورۂ نَاس)  پڙهڻ واري جي لاءِ هر بلا کان حفاظت جي خوشخبري آهي، هن وظيفي تي تقريباً ڏيڍ (2/11) منٽ لڳندو آهي، اهڙي طرح اسان غور ڪندا وڃون، ته ڪيئي وظائف ٻيا به اهڙا هوندا، جن تي تمام مختصر وقت يعني صرف ڪجھ منٽ لڳندا آهن، هن انداز سان جائزو وٺڻ کان الله پاڪ جي رحمت مان اميد آهي ته پڙهڻ ۾ ثابت قدمي ۽ استقامت نصيب ٿيندي.  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

پوءِ اسان هي به غور ڪيون ته اسان جا روزانو خبر ناهي ڪيترا ڪلاڪ فضول گفتگو ۾ گذري ويندا هوندا، جنهن ۾ غيبت به ٿي ويندي هوندي، ڪيترن ئي مسلمانن جي دل آزاري به ڪري ڇڏيندا هونداسين، زبان جي بي احتياطي جي سبب ڪوڙ به نڪري ويندو هوندو. الله پاڪ اسانکي زبان جو درست استعمال ڪندي ڪثرت سان پنهنجو ذڪر ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.