Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪڏهن ڪڏهن اوراد و وظائف جا فضائل ۽ برڪتون ٻڌي ڪري پڙهڻ جو ذهن ته بڻجندو آهي، پر ان تي استقامت ناهي ملي سگهندي، ان جا ٻه بنيادي سبب ٿي سگهن ٿا، (1) هڪ ته هي شايد اسان کي درست پڙهڻ ناهي ايندو، جنهن جي سبب سان اسان اوراد و وظائف پڙهڻ سان محروم رهندا آهيون. هن ڪمزوريءَ کي دور ڪرڻ گهرجي. هونءَ به اسان کي نماز ته پڙهڻي ئي پڙهڻي آهي، تلاوتِ قرآنِ به ڪرڻي ئي آهي، اسان قرآنِ پاڪ درست پڙهڻ سکي وٺون، هن جي برڪت سان اوراد ۽ وظائف درست پڙهڻ آسان ٿي ويندا. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ قرآنِ پاڪ کي مخارج جي درستگي سان پڙهڻ جو باقاعده اهتمام ڪيو ويندو آهي. مجلس مدرسة المدينه بالغان جي تحت ملڪ ۽ بيرونِ ملڪن ۾ هزارين مدرسة المدينه بالغان مسجدن، مارڪيٽن، ۽ دفترن وغيره ۾ لڳايا ويندا آهن، جن ۾لکين عاشقانِ قرآن، في سبيل الله تعليمِ قرآن حاصل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. انهن عاشقانِ رسول ۾ اسان به شامل ٿي ڪري درست مخارج سان قرآنِ ڪريم سکڻ جي سعادت حاصل ڪيون.

دعوتِ اسلامي اسان کي”مجلس مدرسة المدينه آن لائن“ جي تحت انٽرنيٽ جي ذريعي آن لائن قرآنِ پاڪ پڙهڻ جو موقعو به فراهم ڪري رهي آهي. اوراد ۽ وظائف ۾ سستي جو (2) ٻيون سبب هي ٿي سگهي ٿو ته شايد اسان جلد گهٻرائجي ويندا آهيون ته فلاڻي وظيفي تي ته هيترو وقت لڳي ٿو، مون وٽ ايترو وقت ئي ناهي، هن ڪمزوريءَ کي دور ڪرڻ جي لاءِ اچو ته! هڪ مثال جي ذريعي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا:

جيڪڏهن ڪنهن کي طويل(ڊگهو) سفر ڪرڻو هجي، مثال طور مرڪز الاوليا (لاهور) کان باب المدينه (ڪراچي) وڃڻو هجي ته اهو وقفي وقفي سان رستي تي ڏنل ڪلو ميٽرن جي نشانن کي ڏسندو آهي ته هاڻي ايترو سفر باقي