Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein

کي ڏئي ڇڏ. هن پنج سئو(500) ڀيرا مَاشَآءَاللہُ کَانَ چيو هو.

پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان شخص جي طرف متوجھ ٿيا ۽ فرمايائين: هي پنج سؤ (500) درهم توهان کي مبارڪ هجن، جيڪڏهن تون هن کان زياده ڀيرا چئين ها ته اسان به ايتري ئي مقدار اڃان وڌائي ڏيون ها. وڃو! هيءَ رقم پنهنجي اهل ۽ عيال تي خرچ ڪيو. (عیون الحکایات ،ص ۲۷۷)

چاہیں تو اِشاروں سے اپنے کایا ہی پلٹ دیں دنیا کی

یہ شان ہے خدمتگاروں کی سرکار کا عالَم کیا ہو گا!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                    صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان اسان کي ٻه مدني گل حاصل ٿيا: (1) پهريان جي ماڻهن کي جڏهن ڪا نعمت ملندي هئي، پهريان جي ماڻهن کي جڏهن ڪنهن شي جي ضرورت هوندي هئي ته اهي الله وارن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا هئا، انهن کي معلوم هئو ته الله وارا الله پاڪ جا محبوب ۽ مقرب ٻانها هوندا آهن، الله وارا الله پاڪ جي عطا سان بااختيار هوندا آهن، الله وارن وٽ الله پاڪ جي عطا سان الله پاڪ جا خزانا هوندا آهن، الله وارن جي برڪت وٺڻ باعثِ سعادت آهي، الله وارا، الله پاڪ جي عطا سان پنهنجي عقيدت مندن کي انهن جي اميدن کان وڌيڪ عطا فرمائي ڇڏيندا آهن، (2) ٻيو مدني گل هي مليو ته الله وارن جي ٻڌايل اوراد ۽ وظائف جون تمام گهڻيون برڪتون آهن، ڪجھ ماڻهو بازارن ۾ دستياب عمليات جون ڪتابون خريدي ڪري آڻيندا آهن،، اهڙي طرح ڪجھ ماڻهون انٽرنيٽ جي ذريعي ڪو وظيفو ڳوليندا آهن، پوءِ پنهنجي ڪنهن به مشڪل ۽ بيماريءَ ۾ ڪنهن باعمل عالم يا ڪنهن صحيح العقيده وليءِ ڪامل وٽ وڃڻ يا ان سان اجازت وٺڻ جي بغير پاڻ ئي عامل بڻجي ويهندا آهن، ايئن ئي ڪجھ ماڻهو پنهنجي طرف سان وظائف ايجاد ڪري نيم حڪيم خطرهءِ جان بڻجي ڪري ٻين جي زندگي داؤ