Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan
(Department) هجي جتي بي پرده ۽ ماڊرن عورتون موجود نه هونديون هجن۔ اهڙي طرح مڱڻي، شادي، وليمو، عيد، سالگره، عقيقو، ويلنٽائن ڊي، نيو ائير نائٽ، بسنت ۽ جشنِ آزادي جي موقعن تي به اڪثر عورتون چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪري سرِ عام بي حيائي جا تمام ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏينديون آهن۔ جڏهن ته الله ڪريم عورتن کي پنهنجي گھرن ۾ رڪيو رهڻ جو حڪم ۽ شرعي ضرورت ۽ حاجت جي بغير پنهنجي گھرن مان نڪرڻ کان منع فرمايو آهي، جيئن
سپاري 22 سُورَةُ الاَحزاب آيت نمبر 33 ۾ فرمايو ويو:
وَ قَرْنَ فِیْ بُیُوْتِكُنَّ وَ لَا تَبَرَّجْنَ تَبَرُّجَ الْجَاهِلِیَّةِ الْاُوْلٰى (پ 22 الاحزاب 33)
ترجموڪنزالايمان: ۽ پنهنجي گھرن ۾ پيون رهو ۽ بي پرده نه رهو اڳوڻي جاهليت جي بي پردگيءَ وانگر۔
بيان ڪيل آيت مبارڪ جي تفسير ۾ سيدنا اسماعيل حقي رَحْمَةُ اللّٰهِ تعالي عَلَيۡه فرمائن ٿا يعني: اي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون گهر واريون ! توهان پنهنجي گهرن ۾ پيون رهو ۽ پنهنجي رهائش وارن گهرن ۾ رڪيل رهو ( ۽ شرعي ضرورت جي بغير گهرن مان ٻاهر نه نڪرو) ياد رکو! هن آيت ۾ خطاب جيتوڻيڪ ازواج مطهرات کي آهي. ليڪن هن حڪم ۾ ٻيون سڀئي عورتون به داخل آهن. (روح البیان، الاحزاب، ۷/۱۷۰ ،تحت الآیۃ: ۳۳)
وہ بہنیں جو پہنیں سدا’’ مدنی برقع‘‘ انہیں حشر میں بخشوا غوث اعظم
(وسائل بخشش مرمم،ص۵۵۰)
(3) ٽيون مدني گل اهو مليو ته جيڪو ماءُ پيءُ متقي ۽ پرهيزگار، عبادت گذار، شرم و حيا جا پيڪر ۽ مدني رنگ ۾ رنڱيل هوندا آهن ته اهي ئي خاصيتون انهن جي اولاد ۾ به منتقل ٿي وينديون آهن ۽ الله پاڪ اهڙن جي