Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

ٻڌون ٿيون،

شراب جا مٽَ ٽوڙي ڇڏيا

حضرت سَيدُنا ابُوصالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڏينهن جامع مسجد ڏانهن وڃي رهيا هئا، ڏٺائون ته وقت جي بادشاھ جا ڪجھ مُلازِم شَراب جا مَٽ مٿي تي کڻي بادشاھ جي محل ڏانهن وڃي رهيا هئا۔ جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهو منظر ڏٺائون ته بُرائي کان روڪڻ جي مُقدَّس جذبي سان سرشار ٿي اڳتي وڌيا ۽ انهن مٽن کي ٽوڙي ڇڏيائون۔ سندن رُعب ۽ دَٻدَٻي، جَلال ۽ بزرگي کي ڏسي ڪنهن به مُلازِم کي ڪجھ چوڻ جي همّت نه ٿي پر انهن ويندي ئي بادشاھ اڳيان سمورو واقِعو بيان ڪري ڇڏيو۔ بادشاھ چيو: سيد موسيٰ (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) کي هڪدم منهنجي درٻار (Court) ۾ پيش ڪريو!۔ پوءِ حضرت سيد مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه درٻار ۾ تشريف فرما ٿيا ته بادشاھ وڏي ڪاوڙ مان پڇيائين: منهنجن مُلازمن جي محنت کي ضائع ڪرڻ وارا اوهان ڪير ٿيندا آهيو؟ حضرت سيد موسيٰ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايائون: مان مُحتَسِب (يعني نگراني ڪرڻ وارو) آهيان ۽ مون پنهنجو فرض اَدا ڪيو آهي۔ بادشاھ چيائين: اوهان ڪنهن جي حڪم سان مُحتَسِب (يعني نگراني ڪرڻ وارا) مُقَرَّر ڪيا ويا آهيو؟ حضرت سَيد مُوسيٰ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه رُعب دار لهجي ۾ جواب ڏنو: جنهن جي حڪم سان توهان حڪومت ڪري رهيا آهيو۔ سندن جي ان ارشاد سان بادشاھ تي اهڙي رِقَّت طاري ٿي جو هو گوڏن تي مٿو رکي ويهي رهيو ۽ ڪجھ دير کان پوءِ مٿو کڻي عَرض ڪيائين: حُضُور! مَٽن کي ٽوڙڻ ۾ ڪهڙي حڪمت هئي؟

حضرت سيد ابُوصالح مُوسيٰ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمايو: توهان جي حال تي شفقت ڪندي ۽ توهان کي دُنيا ۽ آخرت جي رُسوائي ۽ ذِلّت کان بچائڻ خاطر ايئن ڪيم۔ خليفي تي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ان حڪمت ڀري گفتگو جو گھڻو اثر