Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

ان مدني انعامات تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. مدني انعامات جي برڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ   هن کي مديني منور جي زيارت جي سعادت نصيب ٿي وئي.

( اسلامي ڀينرن جي نماز، ص 290)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جهڙي طرح اسان جي غوثِ پاڪ جا نانا جان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ولايت جي بلند منصب تي فائز هئا، جهڙي طرح اسان جي غوثِ پاڪ جا والدِ محترم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آسمانِ ولايت جا روشن تارا هئا، جهڙي طرح اسان جي غوث پاڪ جي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا الله پاڪ جي مقبول وليه هيون، اهڙي طرح اسان جي غوثِ پاڪ جي پڦي سائڻ (Father's sister) کي به الله ڪريم ولايت جو مرتبو عطا فرمايو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا هڪ باڪرامت وليه هيون ۽ سندن جو مقام ۽ مرتبو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ايتري قدر بلند ۽ اعلٰي هو جو ماڻهو برسات جي لاءِ دعائون ڪرائڻ سندن جي پاڪ بارگاھ ۾ حاضري ڏيندا هئا ۽ الله پاڪ جي رحمت جو نظارو ڪندا هئا۔

اچو! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پڦي سائڻ جي هڪ ايمان افروز ڪرامت ملاحظه ڪريو،

غوثِ پاڪ جي پُڦي سائڻ

هڪ دفعي جيلان ۾ بارشون نه ٿيڻ جي سبب ڏڪار ٿي پيو، ماڻهن نمازِ اِستِسقَاء (يعني بارش جي لاءِ پڙهي ويندڙ نماز) ادا ڪئي، پر برسات نه ٿي ته ماڻهو حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پُڦي جان حضرت سَيدَه اُم عائشه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي گھر آيا ۽ ان سان برسات جي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي، هو پنهنجي گھر جي صحن ڏانهن آيون ۽ زمين تي ٻهارو ڏئي دعا گھري: اي رَبّ ڪريم!