Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

اهي پڙھنديون هيون، مون ٻڌي ياد ڪري ورتو هو۔ (رساله منے ڪي لاش ص 4ملخصا)

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا                                  اُونچے اُونچوں کے سَروں سے قدم اعلیٰ تیرا

سَر بَھلا کیا کوئی جانے کہ ہے کیسا تیرا                                اَولیاء ملتے ہیں آنکھیں وہ ہے تَلوا تیرا

 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني اِنعامات“

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حڪايت مان جهڙي طرح اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي تلاوت جي شوق جو پتو پيو، اتي هي به معلوم ٿيو ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پيدائشي ولي آهن، سندن ڪرامتن جو ظهور پاڻ جي پيدا ٿيندي ئي شروع ٿي ويو هو ۽ امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي مبارڪ پيٽ مان ئي اَرڙهن (18) سيپارا ياد ڪري دنيا ۾ تشريف کڻي آيا هئا۔ لهٰذا اسان کي به گھرجي ته اسان به ڪجھ نه ڪجھ وقت ڪڍي تلاوتِ قرآنِ ڪريم جي سعادت ماڻيون،انهيءَ مقصد جي لاءِ مدرسة المدينه بالغات ۾ پڙھون يا پڙھائيون ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ ڪجھ نه ڪجھ وقت ڏئي پنهنجي قبر ۽ آخرت کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪن۔ ياد رهي! ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني اِنعَامات“ به آهي الحمدالله اميرِ اهلِ سنت پاران عطا ڪيل 63 مدني انعامات نيڪ بنجڻ جو بهترين نسخو آهي.لهٰذا وقت مقرر ڪري روزانو فِڪرِ مدينه ڪيو( يعني مدني انعامات جي مطابق اڄ ڪيستائين عمل ٿيو)  رسالي ۾ ڏنل سوال ڀري ڪري هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذِميدار اسلامي ڀيڻ کي مَدَني انعامات جو رِسالو جمع ڪرائي ڇڏيو مڪتبة المدينه  جو شايع ڪيل ڪتاب ''جنت کے طلب گاروں کے لئے مَدَنی گلدستہ'' جي ذريعي ٻين اسلامي ڀينرن کي به ” مدني انعامات “ تي  عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏياريو. هر اسلامي ڀيڻ هيء ڪوشش