Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

ٿيو ۽ متاثر ٿي اهو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خِدمتِ اَقدس ۾ عَرض گُذار ٿيو: عاليجاه! اوهان منهنجي طرفان به مُحتَسِب (يعني نگراني ڪرڻ) جي منصب تي مامُور آهيو۔ پاڻ وڏي بي نيازي سان فرمايائون: جڏهن مان الله پاڪ جي طرفان مامُور آهيان ته پوءِ مون کي مخلوق جي طرفان مامُور ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي۔ انهي ڏينهن کان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ”جنگي دوست“ جي لَقَب سان مشهور ٿي ويا۔ (غوث پاڪ ڪے حالات، ص ۱۶ملخصاً)

مجھے تم یارسولَ اللہ دے دو جذبَۂ تبلیغ                                شہا! دیتا پھروں نیکی کی دعوت یارسولَ اللہ

شخصيات کي به نيڪي جي دعوت ڏيو!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حڪايت مان معلوم ٿيو! الله وارا مرتبو ۽ منصب رکڻ وارن جي رُعب ۽ دٻدٻي کان متاثر ناهن ٿيندا، الله وارا وڏي منصب وارن جي چاپلوسي ناهن ڪندا، الله وارا دنياوي عهدن تي فائز ماڻهن کي بُرائي ۾ مُبتَلا ڏسي خاموش نٿا رهي سگھن، الله وارا اُنهن کي به نصيحت (Advice) جا مَدَني گل ڏيندا آهن۔ ڇوته دولت مندن جي خُوشامد ته اهو ڪري جنهن کي دُنيا جي ذليل دَولت جي لالَچ هجي، جڏهن ته الله وارا ته قَناعت جي قيمتي دولت سان مالا مال هوندا آهن، الله وارن جي نظر دولتمندن جي فاني مال تي نه بلڪ الله وارن کي رَحمتِ الٰهي تي ڀروسو هوندو آهي۔

ياد رهي! مالدارن جي دولت جي سبب انهن جي تعظيم ڪرڻ شرعاً منع آهي، جيئن مَنقُول آهي: جيڪو ڪنهن مالدار جي ان جي مالدار هئڻ سبب آجيان ڪري، ان جو ٻه ٽِهائي دِين ويندو رهيو۔ (ڪشْفُ الخِفاء ،۲ / ۲۱۵،رقم: ۲۴۴۲)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جو ڪم صرف نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ آهي، مڃرائڻ اسان جو ڪم نه آهي۔البت جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن غَير شرعي ڪم کي روڪڻ جي قُدرت (Power) آهي، ته ان کي روڪڻ