Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan
مون ٻهارو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي تون ڇڙڪاءُ فرماء ( يعني بارش سان سيراب ڪر)۔ ڪجھ ئي دير ۾ آسمان تان ايتري برسات ٿي. ماڻهو پنهنجي گھرن ڏانهن اهڙي حال ۾ موٽيا جو سڀئي پاڻي سان پُسيل هئا ۽ جيلان شهر خوشحال ٿي ويو۔ (بهجةالاسرار،ذڪرنسبه وصفته، ص۱۷۳ملخصاً)
بخش دے میری ساری خطائیں کھول دے مجھ پر اپنی عطائیں
برسا دے رَحمت کی برکھا یااللہ میری جھولی بھردے
(وسائل بخشش مرمم،ص۱۲۳)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اولياءِ ڪرام جي صحبت جون برڪتون
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اولياءِ ڪرام جي صحبت بگڙيلن کي سنواريندي آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت شيطان کان بچڻ جو ڪامياب ترين هٿيار آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت شيطان جي وارن کي سڃاڻڻ جو زبردست ذريعو آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت ربِّ ڪريم جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت نيڪين جو حريص ۽ گناهن کان نفرت ڪرڻ وارو بڻائيندي آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت دنيا ۽ آخرت جون ڀلائيون ماڻڻ جو نسخو آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت ولايت جي منزل تائين پهچائيندي آهي۔ مطلب ته اولياءِ ڪرام جي صحبت ۾ رهڻ وارو انسان انهن جي فيوض و برڪات سان خوب مالا مال ٿيندو آهي ۽ رضاءِ الٰهي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي۔ اسان کي به گهرجي ته اسان به الله پاڪ جي نيڪ ٻانِهِينِ جي صحبت اختيار ڪيون ۽ پنهنجي دنيا ۽ آخرت کي بهتر بڻايون.
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ الله پاڪ اسان جي غوث اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ تعالي عَلَيۡه کي هيءَ طاقت بخشي هئي جو شيطان جي خفيه وارن کي نه صرف