Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

                                                اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                         وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ      

 دُرُود شريف جي فضيلت

حُضورِ انور،شافِعِ محشر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ نُور بار آهي: زَیِّنُوْامَجَالِسَکُمْ بِالصَّلَاۃِ عَلَیَّ فَاِنَّ صَلَاَتَکُمْ عَلَیَّ نُوْرٌلَّکُمْ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ يعني توهان پنهنجي مجلسن کي مون تي دُرُودِپاڪ پڙهي سينگاريو، ڇوته توهان جو مون تي دُرُودِ پاڪ پڙھڻ بروزِ قيامت توهان جي لاءِ نُور ٿيندو. (جامع صغير،حرف الزاء، ص۲۸۰، حديث : ۴۵۸۰)

ذِکْر و دُرُود ہر گھڑی وِردِ زَباں رہے                          میری فُضُول گوئی کی عادَت نکال دو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِہٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

& نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندِيس & ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندِيس & ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندِيس & ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندِيس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندِيس & صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب!