Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan
اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاء آهسته آواز سان جواب ڏيندِيس & بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندِيس۔&دورانِ بيان موبائل فون جو غير ضروري استعمال سان بچندِيس. &نه بيان رڪارڊ ڪنديس نه ئي ڪنهن قسم جو آواز ڇوته ان جي اجازت ناهي. جيڪو ڪجھ ٻڌندِيس، ان کي ٻڌي ڪري ۽ سمجهي ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي ڪوشس ڪندِيس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ اسان ”سرڪارِ بغداد، حُضُورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خاندان“ جي شان ۽ عظمت مثال طور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والدين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهِمَا (يعني پيءُ ۽ امڙ، Parents) جي تقويٰ، سندن نانا جان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا احوال، سندن پڦيءَ جان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي ڪرامت ۽ ان کان علاوه ڪيئي معلوماتي مَدَني گل ٻڌنديوسين۔ الله ڪري ته اسان سڄو بيان توجھ ۽ دِلجمعي سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سرڪارِ بغداد، حُضُورغوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نهايت عاليشان گھراڻي ۾ پيدا ٿيا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو خاندان زُهد ۽ تَقويٰ جي ڪري گھڻو مشهور هو۔ سندن والده جو نالو ”فاطمه بنتِ شيخ عبدُالله صَومَعِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهِمَا“ هو، والده رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي ڪُنيت ”اُمُّ الخَير“ جڏهن ته لقب”اَمَةُ الجَبَّار“ هو۔ (سيرتِ غوث اعظم،ص۲۷ملخصاً) غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والد صاحب جو نالو مبارڪ ”سيد موسيٰ“ ڪُنيت ”ابُوصالح “جڏهن ته لقب ”جنگي دوست“ آهي۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه والد جي نِسبَت سان حَسَني (۽ والده ماجِده جي