Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

سڃاڻندا هئا بلڪ الله پاڪ جي عطا سان ناڪام به بنائڻ جو اختيار رکندا هئا.

  اچو! ٻڌون ٿيون ته غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صحبت مان فيضياب ٿيڻ جي برڪت سان سندن جي گهرواري شيطان جي وار کان ڪيئن محفوظ رهيون، جيئن

شيطان جي خفيه وار کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

حضورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شهزادي سَيد شيخ عبدالجبار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي باري ۾ فرمائن ٿا: جڏهن به والده محترمه
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا ڪنهن اونداهي واري گھر ۾ تشريف کڻي وينديون هيون ته اها جڳھ چراغ جيان روشن bright)) ٿي ويندي هئي۔ هڪ موقعي تي منهنجا والد سڳورا سيدنا غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به اتي تشريف کڻي ويا، جيئن ئي انهن جي نگاھ ان روشني تي پئي ته اها روشني غائب ٿي وئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمايائون: اهو چراغ حقيقت ۾ شيطان هو، جيڪو توهان جي خدمت ڪندو هو ۽ توهان کي گمراه ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ان ڪري مون ان کي ختم ڪري ڇڏيو هاڻي مان تنهنجي ان روشني کي رحماني نور ۾ تبديل ڪيان ٿو، پوءِ ان کان بعد جڏهن به امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا ڪنهن اونداهي واري گھر ۾ تشريف کڻي وينديون هيون ته اتي اهڙي روشني ٿيندي هئي جيئن چنڊ جي چانڊوڪي هوندي آهي۔ (بهجة الاسرار ،ص۱۹۶)  

المدد یاغوثِ اعظم دَسْتْ گیرِ بے کساں                           پھنس گئی ہے ناؤ طوفاں میں لگادیں آپ پار

(وسائل بخشش مرمم،ص۲۲۲)

 سُبْحٰنَ الله! ٻڌو! اوهان ته پيرن جي پير، روشن ضمير، قُطبِ رَبّاني، محبوبِ سُبحاني، پيرِ لاثاني، غوثِ صمداني، پيرِ پيران، ميرِ ميران، شيخ سيدابو محمّد عبدُ القادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيتري شان ۽ شوڪت وارا آهن جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه