Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan
ڪري ته هوءَ عطار جي اجمير، بغدادي، مڪي، ۽ مدني ڌيءُ بنجڻ جو شرف حاصل ڪري سگهي.انفرادي ڪوشش ڪرڻ وارن مدني انعامن تي عمل ڪندي هر مهيني مدني انعامات جا گهٽ ۾ گهٽ 26 رسالا ورهائي ڪري اچڻ واري مهيني وصول ڪرڻ جي به ڪوشش ڪيو. هدف هر هڪ ذيلي حلقو: گهٽ ۾ گهٽ 12 رسالا آهن اچو! ترغيب جي لاءِ مدني انعامات تي عمل جي هڪ مدني بهار ٻڌو ٿيون، جيئن
مدني انعامات جي رسالي جي بَرڪت
بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ جنهن جي عملي زندگي ڪجھ بهتر نه هئي خاص طور نمازن جي پابندي سان محروم هئي، فيشن ۽ گانن باجن جي نحوست ڇانئيل هيس، ان جي پڦي جو پٽ جيڪو دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته هو تنهن انفرادي ڪوشش ڪندي ان جي ڀاءُ کي دعوت اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي نه صرف دعوت ڏني بلڪ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ شروع ڪيو. ڀاء سنتن ڀري اجتماع جي واپسي تي اجتماع جا پرڪيف منظر اچي ٻڌايائينس جنهن ۾ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تعالي عَلَيۡه جو ذڪر خير ٻڌايائين جنهن سبب ان اسلامي ڀيڻ کي دعوت اسلامي جي ماحول ۾رَحْمَةُ اللّٰهِ تعالي عَلَيۡه پنهنجائپ محسوس ٿيڻ لڳي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه انهيءَ پنهنجائپ واري سوچ هن کي پهريون ڀيرو 1985ع جي سالاني سنتن ڀري اجتماع جي خصوصي نشت ۾ شرڪت ڪرڻ تي اُڀاريو. پڻ هوءَ به اسلامي ڀينرن سان گڏجي اجتماع ۾ شريڪ ٿي جتي ان پردي ۾ رهي ڪري سنتن ڀري اجتماع ۾ ٿيڻ وارو بيان ٻڌو. ۽ رقّت انگيز دعا گهري. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيءَ اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان هن کي گناهن کان توبه ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي، فڪر آخرت ملي. جنهن تي استقامت حاصل ڪرڻ جي لاءِ