Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan
به ضروري ٿيندو۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والدِ محترم
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيوسين۔اچو! هاڻي حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي باري ۾ به ڪجھ ٻڌون ٿيون۔ ياد رهي! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي امڙ سائڻ اُمُّ الخير حضرت سَيدَتُنا فاطمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا (پنهنجي) وقت جي انتهائي نيڪ سيرت خاتون ۽ تقويٰ و پرهيزگاري جي پيڪر هيون۔ (سيرتِ غوث اعظم، ص۵۱ ملخصاً) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا ٻين کوڙ بهترين خوبين سان به آراسته هيون پر سندن ذات ۾ هڪ خاص (Special) ڳالھ اها به هئي ته پاڻ تلاوتِ قرآن جون گھڻيون شوقين هيون ۽ ايتري قدر ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ سندس جو معمول بڻجي چڪو هو جو محبوبِ رحماني، قنديلِ نوراني، شهبازِ لامڪاني شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي پيٽ مبارڪ ۾ رهي پورا ارڙهن (18) سيپارا ياد ڪري ورتا هئا، جيئن
شهنشاھ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنجن سالن جي عمر ۾ پهريون ڀيرو بِسْمِ اللّٰه پڙھڻ جي رَسم جي لاءِ ڪنهن بُزرگ وٽ ويٺا، اَعُوْذُبِالله مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجِيم ۽ بِسْمِ الله الرَّحْمٰنِ الرَّحِيۡمِ پڙھي، پوءِ سورة فاتحه ۽ الٓمٓ کان وٺي 18 سيپارا ٻڌائي ڇڏيا۔ اُن بُزرگ چيو: پٽ! اڃا پڙھو۔ جواب ڏنائون: بس مون کي ايترو ئي ياد آهي ڇوته منهنجي امڙ کي به ايترو ئي ياد هو، جڏهن مان پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هئس، ان وقت