Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

جي وجودِ مسعود جي برڪت سان شيطان ڀڄي ويو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زوجَه محترمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا ان مردود جي خفيه وار کان محفوظ ٿي ويون۔

معلوم ٿيو! شيطان وڏو مڪار آهي، اهو طرح طرح جا جادُوءَ وارا ڪرتب          ( (Magical trickبه ڏيکاري ٿو، ان جي وار کان هميشه خبردار رهڻ گھرجي، پنهنجي عقل ۽ هوشياري تي اعتماد ڪرڻ بدران الله پاڪ جي فضل وڪرم تي نظر رکڻ گھرجي۔ ياد رهي! جنهن وٽ مال هوندو آهي ان وٽ چور ايندو آهي، جنهن وٽ ايمان جي دولت آهي ان وٽ ايمان جو ڦورو شيطان ضرور ايندو آهي، جنهن جو ايمان جيترو مضبوط هوندو آهي، ان وٽ ايتري قدر نيڪين جي خزاني جي به ڪثرت هوندي آهي، تنهنڪري اتي شيطان تمام گھڻو زور لڳائيندو آهي۔ اسان جي پيرومرشِد حُضُور ِغوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زوجه محترمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا وٽ ايمان ۽ عملن جي خزانن جا انبار ڏسي شيطان ڌاڙو هڻڻ ۽ سندن کي گمراه ڪرڻ جي خطرناڪ ڪوشش ڪئي پر الله پاڪ جي فضل و ڪرم ۽ ولين جي سردار، حضورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي برڪت سان اهو مردود ناڪام ۽ نامُراد ٿي ويو۔

دمِ نزع شیطاں نہ ایمان لے لے                           حفاظت کی فرما دعا غوثِ اعظم

 (وسائل بخشش مرمم،ص۵۵۳)

  مجلس مدني انعامات

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! ايمان ۽ عملن جي حفاظت جي لاءِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿي وڃو، اچو! شيطاني چالن کان بچڻ جي لاءِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي غلامي جو پٽو پنهنجي ڳلي ۾ وجھي ڇڏيو، اچو! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿي وڃو ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذريعي قادري عطاري سلسلي ۾ مريد ٿي فيضانِ غوثِ پاڪ سان مالا مال ٿي وڃو. اچو! فيضانِ