Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan
شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے
”گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون “سنتون ۽ آداب
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ’’101 مدني گل‘‘ مان ” گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب“ ٻڌون ٿيون: v جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو: ”بِسْمِ اللهِ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللهِ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ‘‘ ترجمو: الله جي نالي سان، مون الله ڪريم تي ڀروسو ڪيو۔ الله کان سواءِ نه (گناهن کان بچڻ جي) قوت آهي ۽ نه (نيڪيون ڪرڻ جي) طاقت آهي۔ (ابو داود،۴/۴۲۰،حديث:۵۰۹۵) اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهنديون مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ الله ڪريم جي مدد شاملِ حال رهندي v گهر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا: اَللّٰھُمَّ اِنِّیْٓ اَسْئَلُکَ خَیْرَ الْمَوْلَجِ وَخَیْرَ الْمَخْرَجِ بِسْمِ اللهِ وَلَجْنَا وَبِسْمِ اللهِ خَرَجْنَا وَعَلَی اللهِ رَبِّنَا تَوَکَّلْنَا۔ ترجمو: اي الله! آئون تو کان داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي ڀلائي گهران ٿي، الله پاڪ جي نالي سان اسان (گهر۾) داخل ٿياسين ۽ انهيءَ جي نالي سان ٻاهر آياسين ۽ پنهنجي رب ڪريم تي اسان ڀروسو ڪيوسين) (ابوداود،۴/۴۲۰،حديث:۵۰۹۶) دعا پڙهڻ کانپوءِ گهر وارن کي سلام ڪري پوءِ بارگاھِ رسالت ۾ سلام عرض ڪري ان کان پوءِ ”سوره اِخلاص“ شريف پڙهي۔
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ روزي ۾ برڪت، ۽ گهريلو جهيڙن کان بچاءُ ٿيندو۔ v جيڪڏهن اهڙي گهر (توڙي جو پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جنهن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ اللهِ الصّٰلِحِیْن (يعني اسان تي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن تي سلام) ملائڪ انهيءَ سلام جو جواب ڏيندا۔ (ردالمحتار ج 9 ص 682) يا هن ريت چوي: