Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

نَارًا وَّ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ (پ۲۸،التحريم:۶)

باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن)

تفسير صِراطُ الجِنان ۾ آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو ته جتي مسلمان تي پنهنجي اِصلاح ڪرڻ ضروري آهي، اتي گھروارن جي اسلامي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ به ان تي لازم آهي، ته جيئن اهي به جهنم جي باھ کان محفوظ رهن۔ (تفسير صراط الجنان، ۱۰/۲۲۱) الله ڪريم تمام والدين کي پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي درست اسلامي طريقي جي مطابق مدني تربيت ڪري پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي جهنم جي باھ کان بچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مری آنیوالی نسلیں تِرے عشق ہی میں مچلیں                      انہیں نیک تو بنانا مدنی مدینے والے

                                                                                           (وسائل بخشش مرمم،ص۴۲۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ اصلاحِ اُمّت ۽ اُمّتِ مُصطَفٰي جي خير خواهي جو بهترين ذريعو آهي، هي اهو عظيمُ الشّان ڪم آهي، جنهن کي تمام ئي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ۽ اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰیبهترين انداز ۾ سرانجام ڏنو۔

                اَلْحَمْدُلِلّٰه سرڪارِ بغداد، حضورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا والدِ گرامي حضرت سَيدُنا موسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به الله پاڪ جا مقبول ولي هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو سينو به اِصلاحِ اُمّت ۽ اُمت جي خير خواهي جي مقدس جذبي سان ڀريل هو، تنهنڪري پاڻ نبين ۽ ولين جي نقشِ قدم تي هلندي نيڪي جي دعوت جي هن عظيم فريضي کي چڱي طرح سرانجام ڏنائون۔ اچو! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي انداز تي مشتمل هڪ دلنشين واقعو